سنڌ جي صوبائي وزير سيد رياض حسين شاهه شيرازي جي گلاب لغاري معصومه بي بي ماهم بنت امام موسىٰ ڪاظم عليه السلام جي روضي مبارڪ تي حاضري، تعميراتي ڪم جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت

بدين - 27 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي اوقاف، مذهبي معاملن، زڪوات ۽ عشر واري صوبائي وزير سيد رياض حسين شاهه شيرازي گلاب لغاري ويجهو سنڌ جي تاريخي ماڳ اگهم ڪوٽ پهچي معصومه بي بي ماهم بنت امام موسىٰ ڪاظم عليه السلام جي روضي مبارڪ تي چادر چاڙهي، جاري تعميراتي ڪم جو تفصيلي جائزو ورتو ۽ لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته تعميراتي ڪم ۾ ڪنهن به قسم جي …

بدين – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي اوقاف، مذهبي معاملن، زڪوات ۽ عشر واري صوبائي وزير سيد رياض حسين شاهه شيرازي گلاب لغاري ويجهو سنڌ جي تاريخي ماڳ اگهم ڪوٽ پهچي معصومه بي بي ماهم بنت امام موسىٰ ڪاظم عليه السلام جي روضي مبارڪ تي چادر چاڙهي، جاري تعميراتي ڪم جو تفصيلي جائزو ورتو ۽ لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته تعميراتي ڪم ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي يا غفلت هرگز برداشت نه ڪئي ويندي، جڏهن ته روضي جي تعمير هر صورت ۾ جون 2027ع تائين مڪمل ڪئي وڃي، ان موقعي تي سيڪريٽري اوقاف سنڌ آغا فاخر حسين ۽ چيف ايڊمنسٽريٽر اوقاف سنڌ مختيار علي ابڙو پڻ صوبائي وزير سان گڏ هئا. صوبائي وزير کي جاري ترقياتي ڪمن بابت بريفنگ ڏني وئي ۽ هن ڪم جي معيار، رفتار ۽ مقرر مدي اندر تڪميل کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو. ان موقعي تي منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير سيد رياض حسين شاهه شيرازي چيو ته اهل بيت ۽ امامن جون قربانيون اسلامي تاريخ جو اهم باب آهن. بي بي ماهم بنت امام موسىٰ ڪاظم عليه السلام جي روضي مبارڪ تي سڄي دنيا مان لکين عقيدتمند ۽ زائرين حاضري ڀرڻ لاءِ اچن ٿا، تنهن ڪري کين بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ اوقاف کاتي ۽ سنڌ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، هن چيو ته سنڌ جي ٻين بزرگن ۽ اوليائن جي درگاهن تي به زائرين لاءِ سهولتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. بي بي ماهم عليه السلام جي روضي جي تعمير سان گڏ زائرين جي رهائش لاءِ مسافر خانو، واش رومز، آر او پلانٽ ۽ درگاهه ڏانهن ويندڙ سمورن رستن جي تعمير ۽ بهتري کي پڻ يقيني بڻايو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته علائقي جي چونڊيل نمائندن، ايم پي ايز جي مشاورت سان ترقياتي اسڪيمن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ضروري قدم کنيا ويندا، جيئن ملڪ جي مختلف حصن مان ايندڙ زائرين کي سهولتون ميسر ٿي سگهن.

مزید خبریں