اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان جي اقليتي برادرين قومي زندگي جي مختلف شعبن بشمول تعليم، صحت، قانون، ڪاروبار، فنون، راندين، تحقيق، سماجي خدمتن ۽ ملڪ جي دفاع ۾ نمايان مقام حاصل ڪيو آهي، انهن جون ڪاميابيون ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته ملڪ جي ترقي ۾ هر پاڪستاني جو ڪردار هڪ جهڙي طور تي اهم آهي. اقليتن جي قومي …
پاڪستان جي اقليتي برادرين قومي زندگي جي مختلف شعبن ۾ نمايان مقام حاصل ڪيو آهي: صدر آصف علي زرداري

مزید خبریں
اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان جي اقليتي برادرين قومي زندگي جي مختلف شعبن بشمول تعليم، صحت، قانون، ڪاروبار، فنون، راندين، تحقيق، سماجي خدمتن ۽ ملڪ جي دفاع ۾ نمايان مقام حاصل ڪيو آهي، انهن جون ڪاميابيون ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته ملڪ جي ترقي ۾ هر پاڪستاني جو ڪردار هڪ جهڙي طور تي اهم آهي. اقليتن جي قومي ڏينهن جي موقعي تي ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري پنهنجي پيغام ۾ صدر سمورن پاڪستانين خاص طور تي قومي ۽ مذهبي اقليتي برادرين سان تعلق رکندڙ پاڪستانين کي دلي مبارڪباد جو پيغام ڏيندي چيو آهي ته اڄ کان 79 سال اڳ هن ئي ڏينهن باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح پاڪستان جي پهرين دستور ساز اسيمبلي کي خطاب ڪندي پاڪستان جي مستقبل جي حوالي سان پنهنجو ويزن واضح ڪيو هو. قائداعظم جا لفظ اڄ به اسان جي رياست جي روح ۽ اساس جي حوالي سان اسان جي رهنمائي ڪن ٿا. اسان جي دستور ساز اسيمبلي اٽڪل هڪ چوٿائي صدي کانپوءِ 1973ع ۾ ملڪ جو پهريون آئين قومي اتفاق راءِ سان جوڙيو جنهن ۾ باني پاڪستان پاران اڄ کان 79 سال اڳ پاڪستان قائم ٿيڻ جي باضابطا اعلان کان رڳو ٽي ڏينهن اڳ ڪيل ان تقرير جي رهنما اصولن کي موثر طور تي شامل ڪيو ويو. قائداعظم فرمايو: “توهان آزاد آهيو، توهان آزاد اهيو ته پنهنجي مندرن ۾ وڃو، توهان آزاد آهيو ته پنهنجي مسجدن ۾ وڃو يا رياست پاڪستان ۾ ڪنهن به ٻي عبادتگاهه ۾ وڃو، توهان جو تعلق ڪنهن به مذهب، ذات يا عقيدي سان هجي، ان جو رياست جي معاملن سان ڪو تعلق نه آهي، اسان ان بنيادي اصول سان شروعات ڪري رهيا آهيون ته اسان سڀ هڪ رياست جا شهري ۽ برابر جا شهري آهيون. صدر آصف علي زرداري چيو ته ان ويزن کي 1973ع جي آئين ۾ شامل ڪيو ويو جيڪو اسان جي قومي اڳواڻن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي قيادت ۾ جوڙيو. اسان جي مذهبي اقليتن جنگين ۽ تڪرارن، صحت، تعليم ۽ زندگي جي ٻين شعبن ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون آهن ۽ اڄ به پنهنجي ٻين هم وطنن سان گڏجي ملڪ جي خدمت جاري رکي آهي. صدر چيو ته پوري قوم انهن جي قومي خدمتن، حب الوطني ۽ ملڪ جي جامع ترقي ۽ خوشحالي ۾ انهن جي نمايان ڪردار تي فخر ڪري ٿي. هي ڏينهن اسان کي ياد ڏياري ٿو ته هڪ مضبوط، پرامن ۽ مستحڪم رياست جو بنياد رڳو معاشي ترقي تي نه پر انصاف، برابري، گڏيل احترام ۽ انساني وقار جي تحفظ تي قائم هوندو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي حقيقي طاقت ان جي عوام ۾ آهي جيڪا پنهنجي مذهبي، ثقافتي ۽ روايتي اختلافن کي پٺتي ڇڏيندي هڪ قومي جهنڊي هيٺ متحد آهي. منهنجو يقين آهي ته مذهب يا عقيدي کان هٽي ڪري هر شهري کي رياست جي سامهون برابر حيثيت حاصل هجڻ گهرجي. صدر چيو ته باني قوم قائداعظم محمد علي جناح مختلف موقعن تي مذهبي آزادي ۽ اقليتن جي تحفظ تي زور ڏنو. پاڪستان جو آئين بنيادي حقن، مذهبي آزادي ۽ قانون تحت برابر تحفظ جي ضمانت ڏي ٿو. انهن آئيني اصولن جي پاسداري رڳو رياست جي ذميواري ئي نه پر هڪ مضبوط ۽ منصفاڻي معاشري جي تعمير جي لاءِ پڻ لازمي آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان جي اقليتي برادرين قومي زندگي جي مختلف شعبن بشمول تعليم، صحت، قانون، ڪاروبار، فنون، راندين، تحقيق، سماجي خدمتن ۽ ملڪ جي دفاع ۾ نمايان مقام حاصل ڪيو آهي. انهن جون ڪاميابيون ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته ملڪ جي ترقي ۾ هر پاڪستاني جو ڪردار هڪ جهڙي طور تي اهم آهي. صدر چيو ته هو سمورن مذهبي اڳواڻن، تعليمي ادارن، ميڊيا، سول سوسائٽي ۽ رياستي ادارن کي اپيل ڪري ٿو ته اهي اهڙي سماجي ماحول جي فروغ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن جتي هر شهري جي عقيدي، سڃاڻپ ۽ انساني وقار جو احترام ڪيو وڃي. هي ڏينهن ان عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو ته اسان پاڪستان کي اهڙو ملڪ بڻائڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکنداسين جتي انصاف، برابري، ڀائيچاري ۽ انسانيت جي خدمت نمايان قدر هجن. اسان کي ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻو پوندو ته اسان جي ايندڙ نسلن کي اهڙو پاڪستان ورثي ۾ ملي جيڪو امن، ترقي، استحڪام ۽ گڏيل احترام جي لاءِ هڪ روشن مثال هجي. صدر آصف علي زرداري چيو ته آئون پاڪستان جي سموري اقليتي برادرين کي مبارڪباد ڏيان ٿو ۽ قوم جي تعمير ۾ انهن جي خدمتن کي ساراهيان ٿو ۽ انهن جي خوشحالي، ڀلائي، سلامتي ۽ مسلسل ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪريان ٿو. هن ان موقعي تي دعا ڪئي ته الله تعالى اسان جي وطن کي انصاف، امن ۽ هم آهنگي جو گهوارو بڻائي.










