پاڪستان ۾ موجود اقليتون قومي اساس جو مکيه جز ۽ معاشرتي تهذيب جي حقيقي حُسن جو آئينه دار آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف جو اقليتن جي قومي ڏينهن تي پيغام

اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اقليتن کي قومي اساس جو مکيه جز ۽ معاشرتي تهذيب جي حقيقي حُسن جو آئينه دار قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جي معاشري ۾ مختلف مذهبن، ثقافتن، قوميتن ۽ روايتن سان تعلق رکندڙ ماڻهو گڏجي رهن ٿا، پاڪستان جو آئين اقليتي برادرين جي حقن ۽ مفادن جي تحفظ جو ضامن آهي. اڄ اڱاري ڏينهن اقليتن جي قومي …

اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اقليتن کي قومي اساس جو مکيه جز ۽ معاشرتي تهذيب جي حقيقي حُسن جو آئينه دار قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جي معاشري ۾ مختلف مذهبن، ثقافتن، قوميتن ۽ روايتن سان تعلق رکندڙ ماڻهو گڏجي رهن ٿا، پاڪستان جو آئين اقليتي برادرين جي حقن ۽ مفادن جي تحفظ جو ضامن آهي. اڄ اڱاري ڏينهن اقليتن جي قومي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان هر سال ملڪ ۾ اقليتن جي موجودگي، قومي ڌارا ۾ انهن جي شموليت ۽ انهن جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جي لاءِ قومي سطح تي اقليتن جو ڏينهن پُرعزم انداز ۾ ملهائي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۾ موجود اقليتون اسان جي قومي اساس جو مکيه جز آهن ۽ اسان جي معاشرتي تهذيب جي حقيقي حُسن جو آئينه دار آهن. وزيراعظم چيو ته 11 آگسٽ 1947ع تي دستور ساز اسيمبلي جي پهرين تاريخي اجلاس ۾ قائداعظم محمد علي جناح خطاب دوران پاڪستان ۾ اقليتن جي حقن جي ناقابل ترديد حيثيت واضح ڪئي. قائد چيو ته “توهان آزاد آهيو، توهان پنهنجي مندرن ۾ وڃڻ جي لاءِ آزاد آهيو، توهان پنهنجي مسجدن ۾ وڃڻ جي لاءِ آزاد آهيو يا رياست پاڪستان ۾ پنهنجي ڪنهن به عبادتگاهه ۾ وڃڻ جي لاءِ آزاد آهيو. توهان جو تعلق ڪنهن به مذهب، ذات يا عقيدي سان هجي، ان جو رياست جي معاملن سان ڪو تعلق نه آهي.” قائداعظم محمد علي جناح جا اهي تاريخي لفظ پاڪستان جي نظام معاشرت، ضابطه حڪومت ۽ مذهبي طرزعمل ۾ نه وسارڻ واري حيثيت رکن ٿا. وزيراعظم چيو ته اڄ جو هي ڏينهن مختلف طبقن ۽ برادري ۾ اتحاد، پرامن گڏيل بقاءَ، گڏيل احترام ۽ سڀني جي لاءِ برابر ترقي جي حوالي سان پاڪستان جي اڻٿڪ عزم جي تجديد جو مظهر پڻ آهي. پاڪستان جي معاشري ۾ مختلف مذهبن، ثقافتن، قوميتن ۽ روايتن سان تعلق رکندڙ ماڻهو گڏجي رهن ٿا. وزيراعظم چيو ته آزادي جي تحريڪ ۽ پاڪستان قائم ٿيڻ کان وٺي اڄ تائين اقليتي برادرين جو قومي زندگي جي ترقي ۽ بقاءَ ۾ اهم حصو رهيو آهي. اقليتن معاشي، تعليمي، سماجي، ثقافتي ۽ سياسي شعبن ۾ اڻٿڪ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. هن چيو ته پاڪستان جو آئين اقليتي برادرين جي حقن ۽ مفادن جي تحفظ جو ضامن آهي، آئيني تحفظ کي هڪ موثر قانوني نظام جي پڻ تائيد حاصل آهي، ملڪي قانون ۾ اقليتن جي عبادتگاهن جو تحفظ، امتيازي سلوڪ جي منع ۽ نفرت انگيز تقريرن جي روڪٿام بابت موثر قانوني شقون موجود آهن. وزيراعظم چيو ته اقليتن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ نيشنل ڪميشن فار مائنارٽيز ايڪٽ 2025ع منظور ڪيو ويو آهي جيڪو بنا ڪنهن شڪ جي هڪ قومي سنگ ميل آهي. ان ايڪٽ تحت انساني حقن واري وفاقي وزارت هڪ خودمختيار ڪميشن قائم ڪرڻ جي لاءِ  ضروري قدم کڻي رهي آهي جيڪا شڪايتن جي ازالي، آئيني ۽ قانوني خدشن جي نگراني، حڪومتي پاليسي ۽ قانونسازي بابت سفارشن، عبادتگاهن ۽ نوڪرين ۾ مخصوص ڪوٽا بابت معاملن جي نگراني ۽ برابري ۽ شموليت جي فروغ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو. هن چيو ته بين المذاهب هم آهنگي ۽ سماجي يڪجهتي جي فروغ جي لاءِ بين المذاهب هم آهنگي پاليسي 2025ع متعارف ڪرائي وئي آهي جنهن جو مقصد مذهبي آزادي جو تحفظ، بين المذاهب ڳالهه ٻولهه جو فروغ ۽ بنا ڪنهن فرق جي برابر موقعن جي فراهمي آهي. حڪومت پرتشدد انتهاپسندي جي خاتمي بابت قومي پاليسي 2024ع تي پڻ عملدرآمد ڪري رهي آهي. وزيراعظم چيو ته انساني حقن واري وفاقي وزارت سمورين ڌرين جي مشاورت سان انساني حقن بابت قومي ايڪشن پلان 2026ع پڻ متعارف ڪرايو آهي جنهن ۾ اقليتي برادرين جي حقن جي تحفظ ۽ فروغ بابت خصوصي قدم پڻ شامل آهن. هن چيو ته پاڪستان حڪومت، صوبائي حڪومت، لاڳاپيل ادارن، سول سوسائٽي جي گڏيل تعاون سان ان گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪري ٿي ته ملڪ جي هر شهري خاص طور تي اقليتن جي حقن جي تحفظ، برابر موقعن جي فراهمي ۽ پرامن، ڀائيچاري ۽ متحد معاشري جي منزل ماڻڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوششن جاري رکندي.

مزید خبریں