اقليتي برادريون زندگي جي سمورن شعبن ۾ ساراهه جوڳيون خدمتون انجام ڏئي رهيون آهن: سردار اياز صادق

اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي)  قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ اقليتي برادرين جي ڪردار کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي، ته پاڪستان ۾ رهندڙ اقليتون، تعليم، صحت، دفاع، واپار  سميت زندگي جي سمورن شعبن ۾ ساراهه جوڳيون خدمتون سرانجام ڏئي رهيون آهن. پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 25 تحت سمورا شهري قانون جي نظر ۾ بنا ڪنهن رنگ، …

اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي)  قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ اقليتي برادرين جي ڪردار کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي، ته پاڪستان ۾ رهندڙ اقليتون، تعليم، صحت، دفاع، واپار  سميت زندگي جي سمورن شعبن ۾ ساراهه جوڳيون خدمتون سرانجام ڏئي رهيون آهن. پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 25 تحت سمورا شهري قانون جي نظر ۾ بنا ڪنهن رنگ، نسل، جنس ۽ مذهب جي برابر آهن ۽ قانوني تحفظ جي برابري طور حقدار آهن. اهڙو اظهار هن اقليتن جي قومي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو جيڪو هر سال 11 آگسٽ تي سڄي ملڪ ۾ وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي. اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته اقليتن جو قومي ڏينهن اسان کي گڏيل احترام، رواداري، مذهبي هم آهنگي ۽ قومي يڪجهتي کي هٿي وٺائڻ جي عزم کي ورجائڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته 11 آگسٽ 1947ع تي دستور ساز اسيمبلي مان پنهنجي تاريخي خطاب ۾ پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح فرمايو ته هر شهري پنهنجي مذهب تي عمل ڪرڻ، پنهنجي عبادت گاهن ۾ وڃڻ، پنهنجي عقيدي موجب زندگي گذارڻ لاءِ آزاد آهي. هن چيو ته قائداعظم جو اهو تاريخي خطاب پاڪستان ۾ مذهبي آزادي، مساوات، برداشت ۽ قانون جي حڪمراني تي ٻڌل هڪ اهڙي معاشري جو بنياد فراهم ڪري ٿو جتي سمورن شهرين کي بنا رنگ، نسل، مذهب جي برابري وارا حق حاصل هجن. هن چيو ته پاڪستان رياست قائداعظم جي ان ويزن تي عمل ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستان ۾ رهندڙ سڀني شهرين کي مڪمل آزادي سميت برابري وارا حق حاصل هجن. اسپيڪر  چيو ته پاڪستان جي پارليامينٽ هميشه اقليتي برادري جي حقن جي تحفظ، بين المذاهب هم آهنگي ۽ برابري جي موقعن جي فراهمي لاءِ موثر قانونسازي ڪئي آهي، هن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ اقليتي پارليامينٽ جي ميمبرن، قانونسازي ۽ قومي معاملن ۾ فعال ڪردار ادا ڪيو آهي، جيڪو پاڪستان جي جمهوري ۽ شموليتي نظام جي مضبوطي جو اظهار آهي. هن قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر سي  گبن، پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ايس پي سنگها، جسٽس اي آر ڪارنيليئس، جسٽس دراب پٽيل، جسٽس رانا ڀڳوانداس، ڊاڪٽر رٿ فائو، اسڪواڊرن ليڊر پاڪ فضائيه سيسل چوڌري، گروپ ڪيپٽن پاڪ فضائيه ڪامران بشير ۽ مشهور سفارتڪار جمشيد مارڪر سميت ٻين ناليوارين غير مسلم شخصيتن زندگي جي مختلف شعبن ۾ ساراهه جوڳيون خدمتون انجام ڏنيون آهن جيڪي اسان جي قومي تاريخ جو فخر جوڳو حصو آهن.

مزید خبریں