سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ناصر جي سينيٽر هدايت الله خان سان گڏ اي اين پي جي سينيئر اڳواڻ حاجي غلام احمد بلور سان ملاقات، ملڪي صورتحال تي ڳالهيون

اسلام آباد-07 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ناصر سينيٽر هدايت الله خان سان گڏ اي اين پي جي سينيئر اڳواڻ ۽ ريلوي جي اڳوڻي وفاقي وزير حاجي غلام احمد بلور سان اسلام آباد ۾ سندس گهر ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ملڪ جي سياسي ،معاشي ۽ معاشرتي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. جاري ڪيل بيان موجب ڊپٽي چيئرمين چيو ته  موجوده حالتن ۾ قومي اتحاد، …

اسلام آباد-07 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ناصر سينيٽر هدايت الله خان سان گڏ اي اين پي جي سينيئر اڳواڻ ۽ ريلوي جي اڳوڻي وفاقي وزير حاجي غلام احمد بلور سان اسلام آباد ۾ سندس گهر ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ملڪ جي سياسي ،معاشي ۽ معاشرتي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. جاري ڪيل بيان موجب ڊپٽي چيئرمين چيو ته  موجوده حالتن ۾ قومي اتحاد، سياسي هم آهنگي ۽ گڏيل سهڪار وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته سمورين سياسي پارٽين کي ذاتي مفادن کان هٽي ڪري ملڪ جي ترقي، خوشحالي ۽ عوامي مسئلن جي حل لاءِ اثرائتو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ناصر ، بلور خاندان جي قومي، عوامي ۽ جمهوري خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته بلور ڪٽنب خيبر پختونخواه صوبي جي ترقي ، عوامي خدمت ۽ جمهوري قدرن کي هٿي وٺائڻ ۾ هميشه نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي.ان موقعي تي عوامي نيشنل پارٽي جي سينيئر اڳواڻ حاجي غلام احمد بلور ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ناصر لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته سينيٽ ۾ سندس خدمتون قدر جوڳيون آهن ۽ هو پنهنجي صوبي ۽ عوام جو اثرائتو آواز بڻجي انهن جي مسئلن کي اجاگر ڪري رهيو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته سيدال خان ناصر  مستقبل ۾ پڻ ملڪ، جمهوريت ۽ عوام جي خدمت لاءِ پنهنجو اثرائتو ڪردار جاري رکندو.

مزید خبریں