پشاور- 07 آگسٽ (اي پي پي) خيبرپختونخواه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد گورنر هائوس پشاور ۾ ملاقات ڪئي جنهن دوران مذهبي هم آهنگي، رواداري،امن ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جي هاڪاري ڪردار سميت ٻين گڏيل دلچسپي جي معاملن جي ڳالهيون ڪيون ويون. گورن هائوس پشاور جي ترجمان موجب ان موقعي تي ناروي جو ڊاڪٽر ليف هيتلينڊ ۽ ٻيون شخصيتون پڻ موجود …
خيبرپختونخواه جي گورنر سان چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين جي ملاقات، گڏيل دلچسپي جي معاملن جي ڳالهيون

مزید خبریں
پشاور- 07 آگسٽ (اي پي پي) خيبرپختونخواه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد گورنر هائوس پشاور ۾ ملاقات ڪئي جنهن دوران مذهبي هم آهنگي، رواداري،امن ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جي هاڪاري ڪردار سميت ٻين گڏيل دلچسپي جي معاملن جي ڳالهيون ڪيون ويون. گورن هائوس پشاور جي ترجمان موجب ان موقعي تي ناروي جو ڊاڪٽر ليف هيتلينڊ ۽ ٻيون شخصيتون پڻ موجود هيون. گورنر ، مولانا عبدالخبير آزاد جي مذهبي هم آهنگي، رواداري ۽ سڄي دنيا ۾ امن کي هٿي وٺائڻ وارين خدمتن جي تعريف ڪئي. هن چيو ته موجوده دور ۾ دنيا کي امن ۽ استحڪام جي شديد ضرورت آهي گورنر چيو ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگ دوران پاڪستان اثرائتي سفارتڪاري ذريعي ٻنهي ملڪن کي ڳالهين جي ميز تي آئڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو جنهن جي عالمي سطح تي تعريف ڪئي وئي. پاڪستان جو اهو ڪردار ان ڳالهه جو واضع ثبوت آهي ته پاڪستان خطي ۽ دنيا ۾ امن ۽ استحڪام جو خواهشمند آهي ۽ هڪ ذميورا رياست آهي. ان موقعي تي گورنر ڊاڪٽر ليف هيتلينڊ کي يادگار تحفو پيش ڪيو جڏهن ته مهمان گورنر کي پنهنجو ڪتاب تحفي طور پيش ڪيو.










