مڪه المڪرمه - 07 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه مڪه المڪرمه گڏيل دفاعي معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون جيڪو ٽنهي ملڪن جي ان گڏيل عزم جو اظهار آهي ته اهي پنهنجي گڏيل سلامتي کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندا ۽ خطي سميت عالمي سطح تي امن، سلامتي ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا ته جيئن هڪ محفوظ ۽ خوشحال مستقبل جو بنياد رکي سگهجي، معاهدي …
سعودي عرب، ترڪيه ۽ پاڪستان مڪه گڏيل دفاعي معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون

مزید خبریں
مڪه المڪرمه – 07 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه مڪه المڪرمه گڏيل دفاعي معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون جيڪو ٽنهي ملڪن جي ان گڏيل عزم جو اظهار آهي ته اهي پنهنجي گڏيل سلامتي کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندا ۽ خطي سميت عالمي سطح تي امن، سلامتي ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا ته جيئن هڪ محفوظ ۽ خوشحال مستقبل جو بنياد رکي سگهجي، معاهدي تي صحيحون قصر الصفا ۾ منعقد مڪه المڪرمه گڏيل دفاعي سربراهي اجلاس جي موقعي تي ڪيون ويون. جمعي ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري پڌرائي موجب خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود جي دعوت تي ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جو دورو ڪيو. سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود مڪه مڪرمه جي قصر الصفا ۾ ترڪيه جي صدر ۽ پاڪستان جي وزيراعظم جو استقبال ڪيو. اجلاس ۾ سعودي عرب، ترڪيه ۽ پاڪستان جي وچ ۾ لاڳاپن جو جائزو ورتو ويو جڏهن ته گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٽنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻي تاريخي لاڳاپن، ڀائيچاري ۽ اسلامي يڪجهتي جي مضبوط رشتن، گڏيل اسٽريٽجڪ مفادن ۽ ڊگهي عرصي کان جاري دفاعي تعاون کي نظر ۾ رکندي سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود، ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ۽ پاڪستان جي وزيراعظم محمد شهباز شريف مڪه گڏيل دفاعي معاهدي تي صحيحون ڪيون. اهو معاهدو ٽنهي ملڪن جي ان گڏيل عزم جو اظهار آهي ته اهي پنهنجي گڏيل سلامتي کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندا ۽ خطي سميت عالمي سطح تي امن، سلامتي ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا ته جيئن هڪ محفوظ ۽ خوشحال مستقبل جو بنياد رکي سگهجي. ان معاهدي جو مقصد ڪنهن به جارحيت جي خلاف گڏيل دفاعي صلاحيت ۽ گڏيل قوت کي مضبوط بڻائڻ آهي. معاهدي موجب ٽنهي ملڪن مان ڪنهن هڪ تي ٿيندڙ ڪو به هٿياربند حملو، ٽنهي ملڪن تي حملو تصور ڪيو ويندو. معاهدي ۾ اهو به طئي ٿيو آهي ته ٽنهي ملڪن جي وچ ۾ دفاعي تعاون جي سمورن شعبن کي وڌيڪ فروغ ڏنو ويندو.










