مدينه المنوره- 06 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار مدينه المنوره پهچي ويا آهن جتي هن رسول الله ﷺ جي روضي مُبارڪ تي حاضري ڀري سلام پيش ڪندي عبادت ۽ نفل ادا ڪيا. خميس ڏينهن پرڏيهي آفيس مُوجب نائب وزيراعظم مدينه المنوره جي پنهنجي دوري دوران پاڪستان جي امن، ترقي ۽ خوشحالي سان گڏ مسلمان امت جي ڀلائي لاءِ خصُوصي دعائون ڪيون. نائب …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار مدينه المنوره پهچي ويا، رسول الله ﷺ جي روضي مُبارڪ تي حاضري، سلام پيش ڪيا
مدينه المنوره- 06 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار مدينه المنوره پهچي ويا آهن جتي هن رسول الله ﷺ جي روضي مُبارڪ تي حاضري ڀري سلام پيش ڪندي عبادت ۽ نفل ادا ڪيا. خميس ڏينهن پرڏيهي آفيس مُوجب نائب وزيراعظم مدينه المنوره جي پنهنجي دوري دوران پاڪستان جي امن، ترقي ۽ خوشحالي سان گڏ مسلمان امت جي ڀلائي لاءِ خصُوصي دعائون ڪيون. نائب وزيراعظم احد جبل جو به ويو جتي هُن حضرت امير حمزه رضه جي مزار تي حاضري ڏني، فاتحه پڙهي ۽ احد جي جنگ جي سڀني شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي.











