وزيراعظم 6 کان 8 آگسٽ تائين سعودي عرب جو سرڪاري دورو ڪندو: پرڏيهي آفيس

اسلام آباد- 06  آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 6 کان 8 آگسٽ تائين سعودي عرب جو سرڪاري دورو ڪندو. خميس ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم سان گڏ هڪ اعليٰ سطحي وفد به هوندو، جنهن ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ وفاقي وزير شامل هوندا. …

اسلام آباد- 06  آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 6 کان 8 آگسٽ تائين سعودي عرب جو سرڪاري دورو ڪندو. خميس ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم سان گڏ هڪ اعليٰ سطحي وفد به هوندو، جنهن ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ وفاقي وزير شامل هوندا. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اردن ۾ والاريل بيت المقدس تي وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ کان پوءِ مديني ۾ مختصر قيام کانپوءِ وفد سان شامل ٿيندو. دوري دوران وزيراعظم جي سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود سان ملاقات ٿيندي جنهن ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ سان گڏوگڏ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پُڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. بيان موجب، هي دورو سعودي عرب سان پاڪستان جي ان پُراڻي ڀائيواري جي عڪاس آهي، جيڪا ڏهاڪن جي گڏيل اعتماد، تعاون ۽ ڀائراڻن لاڳاپن تي ٻڌل آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته جيتوڻيڪ هي دورو نار علائقي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جي پس منظر ۾ ٿي رهيو آهي، پر ان جي اهميت فوري بحرانن ۽ مختصر مدي جي حالتن کان گهڻو وڌيڪ آهي. هي دورو ٻنهي ملڪن جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، اسٽريٽجڪ تعاون کي فروغ ڏيڻ، گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ويجهن رابطن کي سگهه ڏيڻ ۽ گهڻ طرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.

مزید خبریں