نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي عمان ۾ يروشلم بابت وزارتي اجلاس ۾ شرڪت

اسلام آباد - 05 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار عمان ۾ يروشلم بابت وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اربع ڏينهن پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب پنهنجي خطاب ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير والاريل فلسطيني علائقن خاص طور تي والاريل اوڀر يروشلم ۽ اولهندي ڪناري جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن مسجد اقصى/ الحرم الشريف ۾ …

اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار عمان ۾ يروشلم بابت وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اربع ڏينهن پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب پنهنجي خطاب ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير والاريل فلسطيني علائقن خاص طور تي والاريل اوڀر يروشلم ۽ اولهندي ڪناري جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن مسجد اقصى/ الحرم الشريف ۾ مسلسل خلاف ورزين، اسرائيل پاران غيرقانوني بستين جي توسيع، آبادڪارن جي تشدد ۽ مقدس جاين جي تاريخي ۽ قانوني حيثيت کي تبديل ڪرڻ جي سمورين ڪوششن جي شديد مذمت ڪئي. هن يروشلم ۾ اسلامي ۽ مسيحي مقدس جاين تي هاشمي سرپرستي جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته والاريل اوڀر يروشلم تي اسرائيل جي ڪا خودمختياري نه آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير عالمي قانون جي پاسداري، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن جي احترام، غزه ۾ جنگبندي برقرار رکڻ، غزه تڪرار جي خاتمي جي جامع منصوبي تي مڪمل عملدرآمد، بنا رڪاوٽ انساني امداد جي فراهمي ۽ فلسطيني عوام جي تحفظ جي لاءِ عرب ۽ اسلامي ملڪن جي ٺوس سفارتي ڪوششن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. فلسطيني ڪاز جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪندي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چيو ته منصفاڻو، جامع ۽ پائيدار امن رڳو انهي صورت ۾ ممڪن آهي جڏهن جون 1967ع کان اڳ جي سرحدن جي بنياد تي هڪ آزاد، خودمختيار، قابل عمل ۽ جاگرافيائي طور تي متصل فلسطيني رياست قائم ڪئي وڃي جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي.