اسلام آباد- 05 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت هيٺ سي پيڪ منصوبي جي جائزه ڪميٽي ۽ قومي اسٽيئرنگ ڪميٽيءَ جو 91هون اجلاس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ بنيادي ڍانچي، توانائي، پيٽروليم، آبي وسيلن، خوراڪ ۽ زراعت، گڏيل ورڪنگ گروپس (جي ڊبليو جيز) ۽ خاص اقتصادي زونز سميت مختلف شعبن ۾ جاري رٿائن تي اڳڀرائيءَ جو تفصيلي …
وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت هيٺ سي پيڪ جائزه ڪميٽيءَ جو 91هون اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد- 05 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت هيٺ سي پيڪ منصوبي جي جائزه ڪميٽي ۽ قومي اسٽيئرنگ ڪميٽيءَ جو 91هون اجلاس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ بنيادي ڍانچي، توانائي، پيٽروليم، آبي وسيلن، خوراڪ ۽ زراعت، گڏيل ورڪنگ گروپس (جي ڊبليو جيز) ۽ خاص اقتصادي زونز سميت مختلف شعبن ۾ جاري رٿائن تي اڳڀرائيءَ جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي احسن اقبال چيو ته سي پيڪ 2.0 پاڪستان لاءِ ترقيءَ جا نوان امڪان کڻي آيو آهي، جنهن ذريعي سي پيڪ 1.0 دوران توانائي ۽ بنيادي ڍانچي ۾ ٿيل سيڙپڪاريءَ مان ڀرپور فائدو کڻي سگهجي ٿو. هن سمورن لاڳاپيل وزارتن کي هدايت ڪئي ته سي پيڪ 2.0 تحت ترقي، روزگار، انوويشن، ماحول دوست ترقي ۽ علائقائي رابطن تي ٻَڌل 5 راهدارين تي منصوبن جي مؤثر ۽ تيز رفتار لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي. اجلاس دوران بيجنگ ۾ پاڪستان مشن ۽ مختلف گڏيل ورڪنگ گروپس جي ڪنوينرز ايندڙ گڏيل ورڪنگ گروپس جي اجلاسن ۽ 15هين جوائنٽ ڪوآپريشن ڪميٽي اجلاس جي تيارين کان آگاهه ڪندي ٻُڌايو ويو ته لاڳاپيل ڪنوينرز سان صلاح مشوري کانپوءِ اجلاسن جي ڪلينڊر کي حتمي شڪل ڏئي بيجنگ ۾ پاڪستان مشن کي اُماڻيو ويو آهي ته جيئن چيني عملدارن سان وقت سر رابطا ڪاري ۽ مؤثر هم آهنگي کي يقيني بڻائي سگهجي. اجلاس ۾ ساموندي معاملن واري وزارت ۽ سنڌ حڪومت ڪراچي ڪوسٽل ڪمپري هينسو ڊولپمينٽ زون رٿا تي اڳڀرائيءَ بابت بريفنگ ڏني. وفاقي وزير منصوبي تي عملدرآمد ۾ دير تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي سمورن لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته هڪ هفتي اندر پنهنجا رايا ۽ سفارشون پيش ڪري سمورن التوا هيٺ معاملن کي فوري طور تي حل ڪيو وڃي. هن زور ڀريو ته مفاهمتي يادداشتن تي طئي ٿيل شرطن ۽ قاعدن موجب عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي ته جيئن معاهدا صرف ڪاغذي ڪارروائي تائين محدود نه رهن پر وقت سر عملي نتيجا سامهون اچن. هن سنڌ حڪومت، سامونڊي معاملن واري وزارت ۽ بورڊ آف انويسٽمينٽ کي هدايت ڪئي ته چيني ڪمپنيءَ سان گڏيل اجلاس منعقد ڪري فني مسئلن جو فوري حل ڪڍيو وڃي ۽ منصوبي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ مستقل رابطا ڪاري کي يقيني بڻايو وڃي. اجلاس ۾ چين ۾ هڪ هزار زرعي گريجوئيٽس جي تربيت جي پروگرام تي به اڳڀرائيءَ جو جائزو ورتو ويو. وفاقي وزير هدايت ڪئي ته تربيت يافته نوجوانن کي حاصل ڪيل مهارتن کي پاڪستان جي زرعي شعبي جي ترقيءَ لاءِ مؤثر انداز ۾ ڪتب آندو وڃي. هن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ايندڙ اجلاس ۾ تربيت يافته گريجوئيٽس فن ۾ مهارت رکندڙ، مقرري ۽ مستقبل جي ڪردار بابت جامع منصوبو پيش ڪيو وڃي. هن چيو ته مستقبل جي تربيتي پروگرامن کي قومي ضرورت سان هم آهنگ ڪيو وڃي ۽ حياتياتي ٽيڪنالاجي، معياري ٻجن جي تياري، وڌيڪ پيداوار ڏيندڙ قسم، ڊجيٽل زرعي توسيعي خدمتن، مصنوعي ذهانت تي ٻَڌل زراعت ۽ ڪوآپريٽو فارم مئنجيمنٽ جهڙن شعبن تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. وفاقي وزير وڌيڪ هدايت ڪئي ته زرعي شعبي جي حقيقي ضرورتن موجب ايندڙ 5 سالن لاءِ انساني وسيلن ۽ شعبن جي ترقيءَ جو جامع روڊ ميپ تيار ڪيو وڃي. اجلاس ۾ گوادر بندرگاهه ۽ فري زون لاءِ بجليءَ جي فراهمي جي استحڪام بابت منصوبي تي اڳڀرائيءَ جو به جائزو ورتو ويو. وفاقي وزير صنعتي ترقيءَ لاءِ اعتماد جوڳي توانائيءَ جي فراهمي جي حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪندي لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته باقي معاملن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو وڃي ۽ بنيادي ڍانچي جي وقت سر مڪمل ڪرڻ لاءِ مربوط حڪمتِ عملي اختيار ڪئي وڃي ته جيئن گوادر جي صنعتي علائقن کي بنا رنڊڪ بجليءَ جي فراهمي ممڪن بڻائي سگهجي. قومي شاهراه اٿارٽي (اين ايڇ اي) اجلاس کي ٻُڌايو ته قراقرم هاءِ وي فيز ٻئي جي مالياتي انتظامن تي آئينده ورڪنگ گروپ جو اجلاس، جنهن جو آگسٽ جي پڄاڻيءَ تي امڪان آهي، ۾ غور ڪيو ويندو. وفاقي وزير هدايت ڪئي ته 2028ع جي مقرر ڪيل مُدي کي نظر ۾ رکندي مالياتي معاملن کي آئينده اجلاس ۾ حتمي شڪل ڏني ويندي. هن واضح ڪيو ته جيڪڏهن مالياتي منظوريءَ ۾ وڌيڪ دير ٿي ته ديامر ڀاشا ڊيم جي ڍنڍ ۾ روڊ جي پاڻيءَ هيٺ اچڻ کان بچائڻ لاءِ منصوبي تي ملڪي وسيلن سان فوري تعميراتي ڪم شروع ڪيو وڃي. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته منصوبي جي ٽينڊرنگ عمل ۾ پاڪستان جي ناليواري تعميراتي ڪمپنين جي شموليت جي امڪانن جو به جائزو ورتو وڃي. اجلاس ۾ رٿابندي واري وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري سميت پرڏيهي وزارت، گهرو وزارت، مواصلات واري وزارت، اقتصادي معاملن واري ڊويزن، پاور ڊويزن، پيٽروليم ڊويزن، بورڊ آف انويسٽمينٽ، قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت، آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزارت، سامونڊي معاملن واري وزارت، صنعت ۽ پيداوار واري وزارت، گوادر ڊولپمينٽ اٿارٽي ۽ سي پيڪ سيڪريٽريٽ جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.











