ڪراچي- 04 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي يوم ِشهداءِ پوليس جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ پوليس جي شهيدن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته يوم شهداءِ پوليس اسان کي انهن بهادر پوليس اهلڪارن جي بيمثال قربانين جي ياد ڏياري ٿو جن ملڪ ۾ امن امان جي قيام، قانون جي عملداري ۽ عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ پنهنجن جانين …
سنڌ جي گورنر پاران يوم ِشهداءِ پوليس جي موقعي تي پوليس جي شهيدن کي زبردست خراج عقيدت پيش

مزید خبریں
ڪراچي- 04 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي يوم ِشهداءِ پوليس جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ پوليس جي شهيدن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته يوم شهداءِ پوليس اسان کي انهن بهادر پوليس اهلڪارن جي بيمثال قربانين جي ياد ڏياري ٿو جن ملڪ ۾ امن امان جي قيام، قانون جي عملداري ۽ عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ پنهنجن جانين جو نذرانو پيش ڪيو. هن چيو ته پوليس عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ ۽ قانون جي عملداري جي پهرين دفاعي ڀت آهي ، جڏهن ته دهشت گردي ۽ ڏوهن خلاف پوليس جي شهيدن ۽ غازين جي عزم ،بهادري ۽ قربانين کي پوري قوم سلام پيش ڪري ٿي. گورنر سنڌ چيو ته سنڌ ۾ امن امان جي قيام ۽ ڏوهن جي خاتمي ۾ سنڌ پوليس جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پوليس اهلڪارن جي پيشيوراڻين صلاحيتن ۾ اضافي ۽ جديد گهرجن موجب تربيت کي وڌيڪ اثرائتو بنائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. سيد محمد نهال هاشمي چيو ته پوليس جا شهيد اسان جا قومي هيرو ۽ سڄي قوم جو فخر آهن، جن جون قربانيون هميشه ياد رکيون وينديون. هن ان عزم کي ورجايو ته پوليس فورس جي ڀلائي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي ۽ ان ڏس ۾ هر ممڪن قدم جاري رکيا ويندا.











