سنڌ حڪومت پاران صوبي ۾ عوامي ٽرانسپورٽ جي نظام کي جديد بڻائڻ لاءِ اهم فيصلا

ڪراچي- 04 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ حڪومت صوبي ۾ عوامي ٽرانسپورٽ جي نظام کي جديد بڻائڻ لاءِ اهم فيصلا ڪندي سيپٽمبر کان اي وي ٽيڪسي سروس شروع ڪرڻ، ڪراچي ۾ آڪٽوبر ۾ 50 نيون ڊبل ڊيڪر بسون آڻڻ ۽ هلندڙ سال جي آخر کان مرحليوار وڌيڪ هڪ هزار اليڪٽرڪ (اي وي) بسون عوامي ٽرانسپورٽ جي نظام ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان سان گڏ سنڌ حڪومت لاڙڪاڻي …

ڪراچي- 04 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ حڪومت صوبي ۾ عوامي ٽرانسپورٽ جي نظام کي جديد بڻائڻ لاءِ اهم فيصلا ڪندي سيپٽمبر کان اي وي ٽيڪسي سروس شروع ڪرڻ، ڪراچي ۾ آڪٽوبر ۾ 50 نيون ڊبل ڊيڪر بسون آڻڻ ۽ هلندڙ سال جي آخر کان مرحليوار وڌيڪ هڪ هزار اليڪٽرڪ (اي وي) بسون عوامي ٽرانسپورٽ جي نظام ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان سان گڏ سنڌ حڪومت لاڙڪاڻي کان قمبر ۽ قمبر کان شهدادڪوٽ تائين پيپلز بس سروس جا نوان روٽ پڻ جلد شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي. اهي فيصلا سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ کاتي جي هڪ اهم اجلاس ۾ ڪيا ويا. اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، ٽرانس ڪراچي جي سي اي او زبير چنا، ييلو لائين جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ڪمال دايو ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران مختلف جاري منصوبن بابت تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني وئي.اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته ڪراچي يونيورسٽي روڊ تي مڪسڊ ٽريفڪ لائين جو هڪ حصو سيپٽمبر ۾ عوام لاءِ کوليو ويندو، جيئن ٽريفڪ جي رواني ۾ نمايان بهتري آڻي سگهجي. ان موقعي تي شرجيل انعام ميمڻ هدايت ڪئي ته ريڊ لائين بي آر ٽي منصوبي جا سڀئي ڊيپو مقرر ڪيل ٽائيم لائين موجب جلد کان جلد مڪمل ڪيا وڃن، جڏهن ته لاڙڪاڻي کان قمبر ۽ قمبر کان شهدادڪوٽ تائين پيپلز بس سروس جا نوان روٽ به فوري طور تي فعال ڪيا وڃن. شرجيل انعام ميمڻ اجلاس ۾ ڳالھھ ٻولھھ ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت جي اي وي ٽيڪسي سروس جو آغاز سيپٽمبر ۾ ڪيو ويندو، جڏهن ته مرحليوار وڌيڪ هڪ هزار اليڪٽرڪ بسون پڻ عوامي ٽرانسپورٽ نظام جو حصو بڻايون وينديون. هن چيو ته 50 نيون ڊبل ڊيڪر بسون آڪٽوبر ۾ ڪراچي پهچي وينديون، جنهن سان شهرين کي جديد، معياري ۽ آرامده سفري سهولتون فراهم ٿيندي. هن وڌيڪ چيو ته يونيورسٽي روڊ تي مڪسڊ ٽريفڪ لائين جو هڪ حصو سيپٽمبر ۾ عوام لاءِ کولڻ سان ٽريفڪ جي وهڪري ۾ واضح بهتري ايندي. شرجيل انعام ميمڻ اھو عزم پڻ ورجايو ته سنڌ حڪومت شهرين کي جديد، محفوظ، ماحول دوست ۽ قابلِ اعتماد عوامي ٽرانسپورٽ جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڀرپور قدم کڻندي رهندي.

مزید خبریں