آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ ڪشميري عوام جهموري حق جو استعمال ڪندي استحڪام، ترقي ۽ خوشحالي جي حق ۾ فيصلو ڏنو: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

اسلام آباد- 03 آگسٽ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ مسلم ليگ (ن) تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪرڻ تي آزاد ڪشمير جي غيرتمند عوام ۽ ڪشميري پناهگيرن جو دل جي گهرائين سان شڪريو ادا ڪري ٿي، هنن جهموري حق جو استعمال ڪندي استحڪام ، ترقي ۽ خوشحالي جي حق ۾ فيصلو ڏنو. سومر ڏينهن سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي …

اسلام آباد- 03 آگسٽ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ مسلم ليگ (ن) تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪرڻ تي آزاد ڪشمير جي غيرتمند عوام ۽ ڪشميري پناهگيرن جو دل جي گهرائين سان شڪريو ادا ڪري ٿي، هنن جهموري حق جو استعمال ڪندي استحڪام ، ترقي ۽ خوشحالي جي حق ۾ فيصلو ڏنو. سومر ڏينهن سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ بيان ۾ هن چيو ته اها ڪاميابي عوام جي ان اعتماد جو نتيجو آهي جيڪو هنن قائد محمد نواز شريف جي قيادت ، مسلم ليگ (ن ) جي عوامي خدمت ۽ ترقي جي ويزن تي ڪيو. ڪشميري عوام پنهنجي جهموري حق جو استعمال ڪندي استحڪام،ترقي ۽ خوشحالي جي حق ۾ فيصلو ڏنو . هن چيو ته مان مسلم ليگ (ن ) جي سمورن چونڊيل اميداوارن، ڪارڪنن ۽ تنظيمي عهديدارن کي ان شاندار ڪاميابي تي مبارڪون پيش ڪيان ٿو جن ڀرپور محنت، نظم و ضبط ۽ عوامي رابطي ذريعي ان ڪاميابي کي ممڪن بڻايو. ڊاڪٽر فضل چوڌري جو چوڻ هو ته ان شاالله مسلم ليگ (ن ) آزاد ڪشمير جي عوام جي اعتماد تي پورو لهندي خدمت ، شفاف طرز حڪمراني ۽ ترقياتي عمل کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ پنهنجون سموريون صلاحيتون استعمال ۾ آڻيندي. هن دعا ڪئي ته الله تعالى آزاد ڪشمير کي امن ، استحڪام ۽ خوشحالي عطا فرمائي.

مزید خبریں