اسلام آباد - 03 آگسٽ (اي پي پي) اسلام آباد جي سينيئر صحافي شاڪر سولنگي جو نوجوان پٽ دل جي دوري پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو. سينيئر صحافي شاڪر سولنگي جو پٽ شيراز سولنگي جيڪو تازو ئي چين مان پنهنجي گريجوئيشن مڪمل ڪري پهتو هو، اهو رات دير سان دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو، جنهن جي جنازي نماز اسلام آباد ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ منصوبابندي …
سينيئر صحافي شاڪر سولنگي جو نوجوان پٽ شيراز شاڪر سولنگي دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو، جنازي نماز ۾ وفاقي وزيرن سميت پارليامينٽرين ۽ صحافين جي وڏي انگ ۾ شرڪت

مزید خبریں
اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) اسلام آباد جي سينيئر صحافي شاڪر سولنگي جو نوجوان پٽ دل جي دوري پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو. سينيئر صحافي شاڪر سولنگي جو پٽ شيراز سولنگي جيڪو تازو ئي چين مان پنهنجي گريجوئيشن مڪمل ڪري پهتو هو، اهو رات دير سان دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو، جنهن جي جنازي نماز اسلام آباد ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال، پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، اڳوڻي صدارتي ترجمان فرحت الله بابر سميت اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي صحافين ۽ پارليامينٽرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جڏهن ته نوجوان شيراز شاڪر سولنگي جو مڙهه تدفين جي لاءِ پنهنجي اباڻي ڳوٺ خيرپور روانو ڪيو ويو.











