ملڪ محمد اقبال چنڙ جون عوامي ۽ پارلياماني خدمتون هميشه ياد رکيو وينديون: سردار اياز صادق

اسلام آباد- 03 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق، پنجاب جي ڊپٽي اسپيڪر ملڪ ظهير اقبال چنڙ جي رهائشگاهه تي وڃي سندس والد ملڪ محمد اقبال چنڙ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب اسپيڪر، ملڪ محمد اقبال چنڙ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته هو هڪ مخلص، اصول پسند ۽ عوام دوست شخصيت جو …

اسلام آباد- 03 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق، پنجاب جي ڊپٽي اسپيڪر ملڪ ظهير اقبال چنڙ جي رهائشگاهه تي وڃي سندس والد ملڪ محمد اقبال چنڙ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب اسپيڪر، ملڪ محمد اقبال چنڙ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته هو هڪ مخلص، اصول پسند ۽ عوام دوست شخصيت جو مالڪ هو. سردار اياز صادق چيو ته مرحوم جي پارلياماني، سياسي ۽ عوامي خدمتن کي قدر ۽ احترام سان ياد رکيو ويندو. اسپيڪر چيو ته والد جو وڇوڙو هڪ وڏو نقصان آهي. هن چيو ته ڏُک جي هن گهڙيءَ ۾ هو ملڪ ظهير اقبال چنڙ ۽ سندس وارثن جي غم ۾ برابر جو شريڪ آهي. ان موقعي تي اسپيڪر مرحوم جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ دُعا ڪئي ته مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر عطا فرماءِ.

مزید خبریں