اسلام آباد- 03 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته اڄ پاڪستان هڪ نئين صبح جي چائنٺ تي بيٺل آهي، اهڙي صبح جي اميد، عزم، قومي يڪجهتي ۽ ترقيءَ جا روشن امڪان کڻي اُڀري رهي آهي. يومِ آزاديءَ جي 79هين سالگره ۽ پاڪستان جي باني قائداعظم محمدعلي جناح جي 150هين جنم ڏڻ جي مناسبت سان قومي گيتن جي …
پاڪستان جو نظام ناڪام ناهي، قومي سڌارن جي دؤر ۾ داخل ٿي چڪو آهي، اُڏام پاڪستان جو قومي سفر ڪنهن هڪ پارٽي يا حڪومت جي نه پر پوري قوم جي اجتماعي ڪوشش آهي: احسن اقبال

مزید خبریں
اسلام آباد- 03 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته اڄ پاڪستان هڪ نئين صبح جي چائنٺ تي بيٺل آهي، اهڙي صبح جي اميد، عزم، قومي يڪجهتي ۽ ترقيءَ جا روشن امڪان کڻي اُڀري رهي آهي. يومِ آزاديءَ جي 79هين سالگره ۽ پاڪستان جي باني قائداعظم محمدعلي جناح جي 150هين جنم ڏڻ جي مناسبت سان قومي گيتن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اڄ جي تقريب فقط هڪ قومي گيت جي رونمائي ناهي پر هڪ اهڙي قومي تحريڪ جي شروعات آهي، جنهن جو مقصد قوم جي اجتماعي روح، فڪري رُخ ۽ ترقيءَ جي عزم کي نئين سر بيدار ڪرڻ آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جون فڪري بنيادون اوڀر جي شاعر علامه محمد اقبال ۽ پاڪستان جي باني قائداعظم محمدعلي جناح جي فڪرن تي ٻَڌل آهي. علامه اقبال قوم جي خودي، خوداعتمادي، علم، ڪردار ۽ عمل جو درس ڏنو، جڏهن ته قائداعظم ان ئي فڪر کي عملي تعبير ڏئي هڪ آزاد، خودمختيار، جديد ۽ ترقي پسند رياست جو بنياد رکيو. هن چيو ته 2026ع قائداعظم جي 150هين سالگره جو سال آهي، جيڪو اسان کي پنهنجي وطن جي بانين جي خوابن جي تڪميل جي عهد جي تجديد جو موقعو فراهم ڪري ٿو. احسن اقبال چيو ته پاڪستان کي درپيش چئلينجز باوجود اهو تاثر درست ناهي ته قومي نظام ناڪام يا ختم ٿي چڪو آهي. هن چيو ته هي دور تباهي جو نه پر قومي سڌارن جو دؤر آهي، دنيا جنهن تيزيءَ سان تبديل ٿي رهي آهي، پاڪستان به ان ئي رفتار سان پنهنجن ادارن، حڪمرانيءَ جي نظام ۽ قومي ترجيحن کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن چيو ته 25 ڪروڙ عوام جا مسئلا صرف چونڊيل نمائندا اڪيلا حل نه ٿا ڪري سگهن پر قومي ترقيءَ لاءِ نوجوانن، ماهرن، نجي شعبي ۽ سمورن رياستي ادارن جون گڏيل ڪوششون اڻٽر آهن. هن زور ڀريو ته سڌارن جي عمل ۾ تسلسل، قومي اتفاق راءِ ۽ اجتماعي ذميداري بنيادي اهميت رکن ٿا. وفاقي وزير چيو ته اسان جي نوجوان نسل روشن اميد جا ڏيئا آهن، اسان جا نوجوان ڪاڪروچ نه پر اقبال جا شاهين آهن. وفاقي وزير چيو ته ڪجهه حلقن 2022ع ۾ پاڪستان جي معاشي طور ڏيوالي هئڻ ۽ نظام ويهي وڃڻ جي اڳڪٿي ڪئي هئي پر قوم جي اجتماعي عزم، حڪومتي قدمن ۽ عوامي سهڪار سان پاڪستان نه صرف انهن ڏُکيائين تي ضابطو آندو پر ٻيهر ترقيءَ جي راهه اختيار ڪئي. هن چيو ته اڄ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني به وطن جي معاشي بحالي ۽ هاڪاري اڳڀرائيءَ جو اعتراف ڪري رهيا آهن، جيڪي پوري قوم جي گڏيل ڪوششن جو نتيجو آهن. هن چيو ته اُڏام پاڪستان پاڪستان قومي معاشي تبديليءَ جو اهڙو جامع فريم ورڪ آهي جنهن جو مقصد پاڪستان کي 21هين صدي جي معيشت سان هم آهنگ ڪرڻ، هڪ ٽريلين ڊالرن جي معيشت جو بنياد رکڻ، روانگي واپار ۾ نمايان واڌ، جديد ٽيڪنالاجي کي هٿي ڏيڻ، توانائي جي شعبي ۾ پاڻڀرو ٿيڻ، ڊجيٽل معيشت جي جوڙجڪ، انساني وسيلن جي مهارتن ۾ واڌ، معياري تعليم ۽ صحت، آبادي جي اثرائتي انتظام ۽ پائيدار ترقيءَ جا هدف حاصل ڪرڻ آهي. هن چيو ته حڪومت نوجوانن کي جديد ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت، ڊجيٽل مهارتن ۽ مستقبل جي گهُرجن سان هم آهنگ ڪري تعليم فراهم ڪرڻ لاءِ مختلف پروگرامن ۽ تربيتي رٿائن تي ڀرپور سيڙپڪاري ڪري رهي آهي، ڇاڪاڻ ته نوجوان صرف پاڪستان جو مستقبل ئي نه پر ان جو حال به آهن. هن چيو ته هي گيت فقط هڪ تخليق يا تفريح جو ذريعو ناهي پر هڪ ولولو، هڪ تحريڪ ۽ هڪ بيدار قوم جي ڌڙڪن آهي، اهو علامه اقبال جي پيغامِ خودي، جرائت، خوداعتمادي ۽ قومي تعمير کي اڄ جي نوجوانن جي جذبي ۽ توانائي سان جوڙڻ جو هڪ اثرائتو ذريعو آهي، جڏهن ته قائداعظم جي مضبوط، پاڻڀرو ۽ ترقي يافته پاڪستان جي ويزن کي نئين نسل تائين اثرائتي انداز ۾ پهچائڻ جو ذريعو پڻ آهي. هن چيو ته علامه اقبال اسان کي صرف خواب ڏسڻ جو درس ناهي ڏنو پر اهو به سيکاريو ته خوابن کي علم، ڪردار، محنت ۽ مسلسل جدوجهد سان حيقيقت ۾ ڪيئن بدلايو وڃي ٿو. هن نوجوانن تي زور ڀريو ته پنهنجي صلاحيتن تي يقين رکو، محدود سوچ کان بلند ٿيو، پنهنجي خودي کي مضبوط بڻايو ۽ قومي ترقيءَ ۾ فعال ڪردار ادا ڪريو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي اصل طاقت ان جي ماضيءَ جي ڏُکيائين ۾ نه پر ان جي نوجوانن جي عزم، صلاحيت، علم ۽ بلند حوصلي ۾ لِڪل آهي. هن چيو ته ترقي، خوشحالي ۽ قومي سلامتيءَ جو سفر ان ئي وقت ممڪن آهي جڏهن پوري قوم اجتماعي شعور، قومي يڪجهتي ۽ سڌارن جي ايجنڊا کي پنهنجو گڏيل مشن بڻائي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته اُڏام پاڪستان جو سفر ڪنهن هڪ پارٽي يا حڪومت جو نه پر پوري قوم جي اجتماعي ڪوششن جو نتيجو آهي جيڪو پاڪستان کي هڪ مضبوط، پاڻڀرو، خوشحال ۽ باوقار رياست بنائڻ لاءِ وٺي ويندو.










