اسلام آباد- 03 آگسٽ (اي پي پي) اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد چيما جي صدارت هيٺ نيشنل ايگري ٽريڊ اينڊ فوڊ سيفٽي اٿارٽي جي فعاليت جو جائزه اجلاس سومر ڏينهن منعقد ٿيو. اجلاس ۾ اٿارٽي کي فعال بنائڻ واري رُخ ۾ ٿيل اڳڀرائي ۽ زرعي واپار لاءِ هڪ جديد ريگيوليٽري فريم ورڪ جي قيام جي قدمن جو جائزو ورتو ويو. شرڪت ڪندڙن ٽيڪنالاجي تي ٻَڌل شفاف ۽ سنگل ونڊو …
وفاقي وزير احد چيما جي صدارت هيٺ نيشنل ايگري ٽريڊ اينڊ فوڊ سيفٽي اٿارٽي جي فعاليت جو جائزه اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد- 03 آگسٽ (اي پي پي) اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد چيما جي صدارت هيٺ نيشنل ايگري ٽريڊ اينڊ فوڊ سيفٽي اٿارٽي جي فعاليت جو جائزه اجلاس سومر ڏينهن منعقد ٿيو. اجلاس ۾ اٿارٽي کي فعال بنائڻ واري رُخ ۾ ٿيل اڳڀرائي ۽ زرعي واپار لاءِ هڪ جديد ريگيوليٽري فريم ورڪ جي قيام جي قدمن جو جائزو ورتو ويو. شرڪت ڪندڙن ٽيڪنالاجي تي ٻَڌل شفاف ۽ سنگل ونڊو سسٽم ذريعي زرعي آمدني ۽ روانگي واپار کي آسان بنائڻ ۾ نيفسا جي ڪردار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جنهن جو مقصد اٿارٽي جي ڪارڪردگيءَ کي بهتر بنائڻ، خوراڪ جي حفاظت جي نگرانيءَ کي مضبوط ڪرڻ، ڪاروبار ۾ آساني فراهم ڪرڻ ۽ موجوده انتظامي مرحلن کي آسان بنائڻ آهي. اجلاس ۾ وزيراعظم جي زراعت ۽ فوڊ سيفٽي بابت ڪوآرڊينيٽر احمد عمير، سيڪريٽري عامر علي احمد، ڊائريڪٽر جنرل نيفسا ۽ ٻين سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي، جن اٿارٽي جي عملي تيارين تي تفصيلي بريفنگ ڏني. بريفنگ موجب نيفسا کي هڪ جديد ترين ريگيوليٽري اٿارٽي طور تي قائم ڪيو پيو وڃي، جيڪو زرعي آمدني ۽ روانگي واپار ڪندڙن لاءِ هڪ سنگل ونڊو پليٽ فارم طور تي ڪم ڪندو، جنهن سان واپار بابت معاملن جي پروسيسنگ وڌيڪ تيز، اثرائتي ۽ شفاف ٿي سگهندي. ڌُرين جي وقت سر رهنمائي ۽ سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ خاص نيفسا هيلپ لائن، مصنوعي ذهانت تي ٻَڌل چيٽ بوٽ ويب سائٽ ۽ سرڪاري سوشل ميڊيا پليٽ فارمز پڻ متعارف ڪرايا ويندا. اٿارٽيءَ جي ڪجهه مهينن ۾ مڪمل طور تي فعال ٿيڻ جي اميد آهي. بريفنگ ۾ ان ڳالهه تي زور ڀريو ويو ته نيفسا ميرٽ، شفافيت ۽ پيشيوراڻي صلاحيتن تي ٻَڌل گورننس ۽ انساني وسيلن جو نظام متعارف ڪرائي رهي آهي. ڀرتين جو عمل هڪ آزاد ريڪروٽمينٽ ۽ ڇنشڇاڻ ڪميٽيءَ ذريعي ڪيو پيو وڃي جڏهن ته نجي شعبي جي ماهرن سميت اعليٰ تعليم يافت پيشيور ماڻهن کي راغب ڪرڻ لاءِ مارڪيٽ موجب پرڪشش پگهارون ۽ هڪ مخصوص پي اسٽرڪچر ڊزائين ڪيو ويو آهي. ملازمن جي مقرري ٽن سالن جي ڪانٽريڪٽ تي ڪئي پئي وڃي جنهن جو هر 6 مهينن بعد ڪارڪردگي جي بنياد تي جائزو ورتو ويندو. تسلي بخش ڪارڪردگي جي صورت ۾ انهن جي معاهدن جي تجديد ڪري سگهبي، جڏهن ته نيفسا جا ملازم سروس جي ڪنهن به مرحلي تي مستقل يا ريگيولر تصور نه هوندا. اهم پاليسي معاملن خاص ڪري نئين آسامين جي تخليق ۽ پي اسڪليز ۾ ترميمن لاءِ وفاقي ڪابينه جي منظوري گهربل هوندي. اجلاس ۾ اهو به نوٽ ڪيو ويو ته اٿارٽيءَ جي سربراهي هن وقت وقتي ڊائريڪٽر جنرل ڪري رهيو آهي، جڏهن ته نجي شعبي سان مستقل ڊائريڪٽر جنرل جي مقرريءَ جو عمل جلد مڪمل ٿيندو. اجلاس ۾ نيفسا جي ٽيڪنالاجيءَ تي ٻَڌل انسپيڪشن سسٽم جو به جائزو ورتو ويو، جنهن تحت انسپيڪٽرز، آمدني واپار ڪندڙ يا ڪليئرنگ ايجنٽس سان سڌيءَ ريت رابطن کانسواءِ زرعي سامان جي کيپ جو معائنو ڪندا. انسپيڪشن رپورٽس جي توثيق لاءِ ٿرڊ پارٽي آڊٽ تي ٻَڌل ڊجيٽل ورڪ فلو جو مقصد ريگيوليٽري معاملن ۾ شفافيت، جوابدهي ۽ ديانتداري کي يقيني بنائڻ آهي. وفاقي وزير نيفسا جي قيام ۾ ٿيل اڳڀرائيءَ کي ساراهيو ۽ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته حڪومت هڪ عالمي معيار جو ادارو بنائڻ لاءِ مڪمل طور تي پُرعزم آهي جيڪو پُراڻي نظام جي جاءِ هڪ اثرائتو، شفاف ۽ عالمي معيار موجب ريگيوليٽري فريم ورڪ قائم ڪندو. هن چيو ته نيفسا پاڪستان جي زرعي شعبي ۾ سڀ کان سڌارن واري ادارن مان هڪ آهي ۽ هي دير کي گهٽ ڪري ريڊ ٽيبزم کي ختم ڪري ۽ معياري ريگيوليٽري خدمتن کي يقيني بنائي ٻوٽن، ٻجن ۽ ٻين زرعي شين جي آمدني ۽ روانگي واپار ڪندڙن لاءِ ڪاروباري ماحول کي نمايان طور تي بهتر بڻائيندي. هن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو آگاهي مهمن ذريعي زرعي واپارين، آمدني ۽ روانگي واپار ڪندڙن ۽ ٻين ڌُرين کي متحرڪ ڪن ته جيئن هو اٿارٽي جي خدمتن کان مڪمل طور تي باخبر رهن ۽ نيفسا جي فعال ٿيندي ئي فوري طور تي فائدو کڻي سگهن. هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته اٿارٽي پاڪستان جي زرعي واپاري نظام کي جديد بنائڻ، ملڪ جي ريگيوليٽري نظام تي عالمي اعتماد کي وڌائڻ ۽ پائيدار اقتصادي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي.










