اسلام آباد- 03 آگسٽ (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز جون ڪي پي ڪي ۾ عزم استحڪام ويزن تحت گذريل 2 مهينن کان دهشتگردن خلاف اثرائتي انٽيليجنس بيسڊ ڪارروايون جاري آهن، جنهن ۾ ڪيترن ئي خوارجي دهشتگردن کي ماريو ويو آهي. سيڪيورٽي ذريعن موجب اُتر وزيرستان ۾ ڳجهي اطلاع جي بنياد تي ڪاررواين دوران سيڪيورٽي فورسز، خوارجين جا ڪيترائي ٺڪاڻا تباهه ڪيا، اُتر وزيرستان جي علائقي کٽي ڪلي ۾ ڪارروائي دوران …
سيڪيورٽي فورسز جون ڪي پي ڪي ۾ گذريل 2 مهينن کان دهشتگردن خلاف اثرائتي انٽيليجنس بيسڊ ڪارروايون جاري، ڪيترائي خوارجي دهشتگرد مارجي ويا

مزید خبریں
اسلام آباد- 03 آگسٽ (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز جون ڪي پي ڪي ۾ عزم استحڪام ويزن تحت گذريل 2 مهينن کان دهشتگردن خلاف اثرائتي انٽيليجنس بيسڊ ڪارروايون جاري آهن، جنهن ۾ ڪيترن ئي خوارجي دهشتگردن کي ماريو ويو آهي. سيڪيورٽي ذريعن موجب اُتر وزيرستان ۾ ڳجهي اطلاع جي بنياد تي ڪاررواين دوران سيڪيورٽي فورسز، خوارجين جا ڪيترائي ٺڪاڻا تباهه ڪيا، اُتر وزيرستان جي علائقي کٽي ڪلي ۾ ڪارروائي دوران ڪيترن ئي خوارجين دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، جڏهن ته مارجي ويل خوارجي دهشتگردن جي ٺڪاڻن مان وڏي مقدار ۾ هٿيار، گوله بارود ۽ ٻيو سامان پڻ هٿ ڪيو ويو. سيڪيورٽي ذريعن موجب آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز هٿان فتنه الهندستان جا ڪيترائي دهشتگرد زخمي ٿيڻ جا به اطلاع آهن. سيڪيورٽي ذريعن چيو آهي ته ڪاررواين ۾ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو پيو وڃي ته عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ رهي ۽ مقامي آباديءَ کي ڪو نقصان نه پهچي. سيڪيورٽي فورسز ڪي پي ڪي ۾ پائيدار امن جي قيام ۽ دهشتگرديءَ جي مڪمل خاتمي تائين ڪارروايون جاري رکنديون پيون اچن.











