سوات آپگهاتي ڌماڪي ۾ شهيد پوليس اهلڪارن جي جنازي نماز سرڪاري اعزاز سان ادا ڪئي وئي

پشاور- 03 آگسٽ (اي پي پي) سوات جي ڪبل ٿاڻي جي مک دروازي آڏو دهشتگردن جي آپگهاتي حملي ۾ شهيد بهادر پوليس اهلڪارن سپاهي مڪرم خان ۽ سپاهي حسين خان جي جنازي نماز جاويد اقبال شهيد پوليس لائن ۾ سرڪاري اعزاز سان ادا ڪئي وئي. سوات پوليس جي ترجمان مطابق جنازي نماز ۾ آر پي او مالاڪنڊ سميت پوليس جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. پوليس جي چست جٿي شهيدن کي سلامي …

پشاور- 03 آگسٽ (اي پي پي) سوات جي ڪبل ٿاڻي جي مک دروازي آڏو دهشتگردن جي آپگهاتي حملي ۾ شهيد بهادر پوليس اهلڪارن سپاهي مڪرم خان ۽ سپاهي حسين خان جي جنازي نماز جاويد اقبال شهيد پوليس لائن ۾ سرڪاري اعزاز سان ادا ڪئي وئي. سوات پوليس جي ترجمان مطابق جنازي نماز ۾ آر پي او مالاڪنڊ سميت پوليس جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. پوليس جي چست جٿي شهيدن کي سلامي پيش ڪئي، شهيدن جي مڙهن تي گلدستا رکيا ويا ۽ سندن عظيم قرباني کي ڀيٽا پيش ڪندي سندن درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي وئي. جنازي نماز کانپوءِ شهيدن جا مڙهه تدفين لاءِ سندن اباڻن ڳوٺن لاءِ روانو ڪيا ويا. واضح رهي ته شهيد اهلڪار ڌماڪي ۾ زخمي ٿيا هئا ۽ اسپتال ۾ علاج دوران شهيد ٿي ويا. ان آپگهاتي ڌماڪي ۾ مجموعي طور تي 16 ماڻهو شهيد ٿيا جن ۾ 7 پوليس اهلڪار ۽ 9 عام شهري شامل آهن.

مزید خبریں