ڀٽائي نگر ٿاڻي جي حد ۾ قومي شاهراهه تي ڪار سان حادثو پيش، 2 ڄڻا سخت زخمي

حيدرآباد31 جولاءِ(اي پي پي)ڀٽائي نگر ٿاڻي جي حد ۾ قومي شاهراهه  تي ڪراچي کان سکر ويندڙ هڪ تيز رفتار ڪار ضابطي مان نڪري مخالف لين ۾ داخل ٿي وئي، جتي سامهون کان ايندڙ هڪ ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي. ڪار ۾ ڪل پنج ماڻهو سوار هئا، جن مان ٻه ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا آهن. ريسڪيو ٽيم ريڪوري گاڏي جي مدد سان حادثي واري ڪار کي هٽائي روڊ تان ٽريفڪ جي رواني بحال ڪري …

حيدرآباد31 جولاءِ(اي پي پي)ڀٽائي نگر ٿاڻي جي حد ۾ قومي شاهراهه  تي ڪراچي کان سکر ويندڙ هڪ تيز رفتار ڪار ضابطي مان نڪري مخالف لين ۾ داخل ٿي وئي، جتي سامهون کان ايندڙ هڪ ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي. ڪار ۾ ڪل پنج ماڻهو سوار هئا، جن مان ٻه ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا آهن. ريسڪيو ٽيم ريڪوري گاڏي جي مدد سان حادثي واري ڪار کي هٽائي روڊ تان ٽريفڪ جي رواني بحال ڪري ڇڏي. حادثي ۾ ڪنهن به جاني نقصان جو اطلاع ناهي مليو. ريسڪيو ترجمان جو چوڻ آهي ته مقامي ماڻهن ريسڪيو ٽيم جي پهچڻ کان اڳ ئي زخمين کي گاڏي مان ڪڍي اسپتال روانو ڪري ڇڏيو هو.

مزید خبریں