سکر-30 جولاءِ(اي پي پي) سکر پوليس سائيٽ ايريا ٿاڻي جي حدن ۾ ڪارروائي ڪندي مبينا پوليس مقابلي کانپوءِ هڪ گهربل مبينا ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جڏهن ته سندس ٻه ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. پوليس ترجمان موجب سائيٽ ايريا ٿاڻي جي پوليس گشت دوران دهلي مسلم سوسائٽي ويجهو پهتي، جتي مبينا طور ڏوهه جي ارادي سان هٿياربند بيٺل هئا. پوليس کي …
سکر پوليس پاران مبينا پوليس مقابلي ۾ هڪ گهربل ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

مزید خبریں
سکر-30 جولاءِ(اي پي پي) سکر پوليس سائيٽ ايريا ٿاڻي جي حدن ۾ ڪارروائي ڪندي مبينا پوليس مقابلي کانپوءِ هڪ گهربل مبينا ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جڏهن ته سندس ٻه ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. پوليس ترجمان موجب سائيٽ ايريا ٿاڻي جي پوليس گشت دوران دهلي مسلم سوسائٽي ويجهو پهتي، جتي مبينا طور ڏوهه جي ارادي سان هٿياربند بيٺل هئا. پوليس کي ڏسندي ئي فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن تي پوليس به جوابي فائرنگ ڪئي.پوليس موجب فائرنگ جي ڏي وٺ دوران هڪ مبينا ڏوهاري زخمي ٿي پيو، جنهن کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته سندس ٻه ساٿي موقعي تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. گرفتار زخمي مبينا جوابدار جي سڃاڻپ شهريار عرف شيري بنڌاڻي جي نالي سان ٿي آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار مبينا جوابدار چورين، ڦرن، پوليس مقابلن ۽ ٻين سنگين ڏوهن جي ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گهربل هو. پوليس سندس قبضي مان هڪ ٽي ٽي پسٽل ۽ گوليون هٿ ڪرڻ جي پڻ دعويٰ ڪئي آهي.










