اسلام آباد- 27 جولاءِ(اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته پاڪستان ڀارتي دفاع واري وزير جي غير ذميوراڻن بيانن کي چٽي انداز ۾ رد ڪري ٿو. ڀارت جا پاڪستان تي بي بنياد الزام ان جي رياستي سرپرستي ۾ دهشتگردي جي رڪارڊ سبب اعتبار جوڳا نه آهن. ڄمون ڪشمير بابت گهراهه ڪن ۽ ڪوڙن بيانن تي شديد رد عمل جو اظهار ڪندي دفاع واري وزير …
پاڪستان ڀارتي دفاع واري وزير جي غير ذميواراڻن بيانن کي چٽي انداز ۾ رد ڪري ٿو: دفاع وارو وزير خواجه آصف
اسلام آباد- 27 جولاءِ(اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته پاڪستان ڀارتي دفاع واري وزير جي غير ذميوراڻن بيانن کي چٽي انداز ۾ رد ڪري ٿو. ڀارت جا پاڪستان تي بي بنياد الزام ان جي رياستي سرپرستي ۾ دهشتگردي جي رڪارڊ سبب اعتبار جوڳا نه آهن. ڄمون ڪشمير بابت گهراهه ڪن ۽ ڪوڙن بيانن تي شديد رد عمل جو اظهار ڪندي دفاع واري وزير خواجه محمد آصف سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڀارت سياسي پروپيگنڊا ذريعي عالمي سطح تي تسليم ٿيل قانوني حقن جي ڀڃڪڙي نٿو ڪري سگهي، پاڪستان ڀارتي دفاع واري وزير جي غير ذميوراڻن بيان کي چٽي انداز ۾ رد ڪري ٿو، اهڙا بيان قانوني حقيقتن کي سياسي پروپيگنڊا ذريعي بگاڙ پيدا ڪرڻ جي ناڪام ڀارتي ڪوشش آهي. هن چيو ته گمراهه ڪن ڀارتي بيان نه ته ڄمون ڪشمير جي تڪراري حيثيت تبديل ڪري سگهن ٿا ۽ نه وري خطي جي امن ۾ ڪو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ڄمون ڪشمير عالمي سطح تي تسليم ٿيل تڪراري علائقو آهي. ڄمون ڪشمير جي مستقبل جو فيصلو سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشيري عوام جي خواهش مطابق هجڻ گهرجي. خواجه آصف چيو ته حقيقت اها آهي ته ڀارت ڏکڻ ايشيا ۾ دهشتگردي جو سڀ کان وڏي سرپرست رياست ۽ عدم استحڪام جو بنيادي سبب آهي. ڀارت پنهنجي جارحاڻي ۽ توسيع پسنداڻي عزم ذريعي سموري خطي کي يرغمال بڻايو آهي . هن چيو ته ڀارت جي غير ذميواراڻي بيان بازي خطي ۾ بين الرياستي تڪرار جي شدت ۽ خطرن ۾ اضافي جو سبب بڻجي سگهي ٿو. پاڪستان امن ۽ ڳالهين جي پاليسي تي قائم آهي. پاڪستان جو پنهنجي خودمختياري، علائقائي سلامتي ۽ قومي سلامتي جي تحفظ لاءِ عزم بلند آهي . هن چيو ته ڀارتي دفاع واري وزير جو تازو بيان ملڪ ۾ وڌندڙ سياسي بحران ۽ مودي حڪومت خلاف عوامي بي چيني تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش آهي.










