لاهور- 26 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڏکڻ وزيرستان ۾ دهشتگردن جي حملي کي ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. آچر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم ڏکڻ وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي بزدلاڻي حملي کي ناڪام بڻائڻ ۽ 4 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي …
وزيراعظم پاران ڏکڻ وزيرستان ۾ دهشتگردن جي حملي کي ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
لاهور- 26 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڏکڻ وزيرستان ۾ دهشتگردن جي حملي کي ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. آچر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم ڏکڻ وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي بزدلاڻي حملي کي ناڪام بڻائڻ ۽ 4 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم، سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻي مهارت، غير معمولي جرئت ۽ وقت سر ڪارروائي کي ساراهيندي چيو ته اسان جي بهادر جوانن دشمن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائي هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪيو آهي ته پاڪستان جي سلامتي تي ڪو به ٺاهه نه ڪنداسين. هن چيو ته سڄي قوم پنهنجي بهادر فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏ آهي. حڪومت ۽ سيڪيورٽي فورسز آپريشن عزم استحڪام تحت ملڪ مان دهشتگردي جي ناسور جي مڪمل خاتمي تائين پنهنجون ڪارروائيون پوري قوت سان جاري رکندا.










