اسلام آباد - 26 جولاءِ (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد پاڪستان ٽيڪس بار ايسوسيئيشن ۽ لاهور ٽيڪس بار ايسوسيئيشن جي سهڪار سان رٿيل 4 ڏينهن واري قومي ٽيڪس سيمينار کي خطاب دوران پاڪستان جي سڌاراجاتي ايجنڊا، مالي سال 27-2026ع جي بجيٽ جي ترجيحن ۽ نئين ٽيڪس آپريٽنگ ماڊل کي اجاگر ڪيو. فنانس ڊويزن طرفان آچر ڏينهن جاري بيان موجب پنهنجي خطاب ۾ پاڪستان جي …
قومي ٽيڪس سيمينار، ناڻي واري وزير جي صلاحڪار پاڪستان جي سڌاراجاتي ايجنڊا، مالي سال 27-2026ع جي بجيٽ جي ترجيحن ۽ نئين ٽيڪس آپريٽنگ ماڊل کي اجاگر ڪيو
اسلام آباد – 26 جولاءِ (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد پاڪستان ٽيڪس بار ايسوسيئيشن ۽ لاهور ٽيڪس بار ايسوسيئيشن جي سهڪار سان رٿيل 4 ڏينهن واري قومي ٽيڪس سيمينار کي خطاب دوران پاڪستان جي سڌاراجاتي ايجنڊا، مالي سال 27-2026ع جي بجيٽ جي ترجيحن ۽ نئين ٽيڪس آپريٽنگ ماڊل کي اجاگر ڪيو. فنانس ڊويزن طرفان آچر ڏينهن جاري بيان موجب پنهنجي خطاب ۾ پاڪستان جي بهتر ٿيندڙ معاشي صورتحال حڪومت جي جاري سڌاراجاتي ايجنڊا، مالي سال 27-2026ع جي بجيٽ جي ترجيحن ۽ نئين ٽيڪس آپريٽنگ ماڊل لاڳو ڪرڻ تي تفصيلي خيالن جو اظهار ڪيو. صلاحڪار چيو ته پاڪستان ذميوار مالي نظم و ضبط ۽ مشڪل پر اڻٽر ساختي سڌارن ذريعي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ ۾ نمايان اڳڀرائي ڪئي آهي. مالي نظم و ضبط پرڏيهي شعبي جي مضبوطي، بهتر قرضن جي نظم و نسق ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد جي بحالي پاڪستان کي معاشي استحڪام سان پائيدار ۽ نجي شعبي جي قيادت ۾ ترقي طرف گامزن ڪيو آهي. هن چيو ته انهن سڌارن کي عالمي سطح تي به پذيرائي حاصل ٿي رهي آهي، جنهن جو اظهار پاڪستان جي بهتر ٿيندڙ خودمختيار ڪريڊٽ ريٽنگز، آءِ ايم ايف پروگرام جي ڪامياب جائزن، عالمي سيڙپڪار مارڪيٽن تائين ٻيهر رسائي، سيڙپڪارن جي وڌندڙ اعتماد ۽ عالمي مالياتي اداران جي مثبت رائين سان ٿئي ٿو، جيڪي پاڪستان جي مضبوط ٿيندڙ معاشي بنيادن جي عڪاسي ڪن ٿا. مالي سال 27-2026ع جي بجيٽ تي روشني وجهندي هن چيو ته هي هڪ متوازن، ذميوار ۽ ترقي دوست بجيٽ آهي، جنهن جو مقصد سيڙپڪاري، روانگي واپار، صنعتي ترقي ۽ روزگار جي موقعن کي هٿي ڏيڻ آهي، جڏهن ته مالياتي نظم و ضبط کي برقرار رکيو ويو آهي. هن چيو ته بجيٽ ۾ پگهاردار طبقي کي نمايان رليف ڏنو ويو آهي. ڪاروباري برادري ۽ روانگي واپار ڪندڙن جي چٽاڀيٽي وڌائڻ لاءِ قدم کنيا ويا آهن، ٽيرف سڌارا متعارف ڪرايا ويا آهن، معيشت جي دستاويزي شڪل کي هٿي ڏني وئي آهي. حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر ان عزم کي ورجايو آهي ته ٽيڪس جو دائري ڪار وڌايوويندو ۽ اڳ کان ٽيڪس ادا ڪندڙن تي وڌيڪ بار نه وڌ ويندو. هن حڪومت جي وسيع تر سڌاراجاتي ايجنڊا تي به روشني وڌي جنهن ۾ ٽيڪس انتظاميه عوامي قرضن جو موثر انتظام، نجڪاري، سرڪاري ادارن جي سڌاران، پينشن سڌارن، توانائي جي شعبي ۾ سڌارن، ڊجيٽل پاڪستان قدمن، سيڙپڪار مارڪيٽن جي ترقي ۽ مالياتي سهولتن تائين رسائي ۾ بهتري شامل آهي. هن چيو ته انهن سڌارن جو مقصد ادارن کي مضبوط بڻائڻ، گورننس کي بهتر بڻائڻ، پيداواري صلاحيت ۾ واڌ ڪرڻ ۽ سيڙپڪاري لاءِ وڌيڪ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ آهي.











