اسلام آباد - 26 جولاءِ (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري چيو آهي، ته پاڪستان جا مينگروز ٻيلا عربي سمنڊ جي سامونڊي تحفظ، ماهيگيري کي هٿي وٺائڻ، موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، انهن جي تحفظ ۽ بحالي لاءِ اجتماعي ڪوششون اڻٽر آهن. سامونڊي معاملن واري وزارت پاران مينگروز جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي جاري …
مينگروز جي بحالي بليو ايڪانامي کي هٿي وٺائڻ لاءِ اڻٽر آهي: جنيد انوار چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد – 26 جولاءِ (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري چيو آهي، ته پاڪستان جا مينگروز ٻيلا عربي سمنڊ جي سامونڊي تحفظ، ماهيگيري کي هٿي وٺائڻ، موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، انهن جي تحفظ ۽ بحالي لاءِ اجتماعي ڪوششون اڻٽر آهن. سامونڊي معاملن واري وزارت پاران مينگروز جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي جاري بيان ۾ هن چيو ته ملڪ جا مينگروز مالياتي تحفظ سان گڏوگڏ بليو اڪانامي کي هٿي وٺائڻ جو به اهم ذريعو آهن، جن جي معاشي صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو خشڪ آبهوا وارو مينگروز ٻيلو موجود آهي، جيڪو اڪثر سنڌ جي انڊس ڊيلٽا ۾ پکڙيل آهي، جڏهن ته بلوچستان ۾ به ان جي ننڍي ايراضي موجود آهي، هن ٻڌايو ته پاڪستان هن وقت مينگروز جي ايراضي جي لحاظ کان دنيا ۾ تقريبن ستين نمبر تي آهي جڏهن ته مسلسل بحالي ۽ وڻڪاري ذريعي چوٿين يا پنجين نمبر تائين پهچي سگهي ٿو. هن چيو ته خبردار ڪيو ته مينگروز جي تباهي سان غذائي تحفظ ۽ ماهيگيري برادري جو روزگار متاثر ٿي سگهي ٿو ڇاڪاڻ ته هي ٻيلا مڇي، جهينگي، ڪيڪڙي ۽ ٻي آبي جيوت جي واڌ ويجهه ۽ پرورش جا قدرتي مرڪز آهن، جن تي ماهيگيري ۽ اڀرندڙ آبي زراعت جو دارومدار آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي مينگروز ڪاربن مارڪيٽ، ڪاربن ڪريڊٽس جي قيمتن ۽ ڳاڻيٽي جي لحاظ کان اندازن ساليانو 2 ڪروڙ کان 5 ڪروڙ ڊالر تائين آمدني پيدا ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته بلوچستان ۾ تقريبن 4 هزار 58 هيڪٽر ايراضي تي پکڙيل مينگروز به ملڪ جي ڪاربن مارڪيٽ جي حڪمت عملي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته مينگروز خشڪي جي عام وڻن جي ڀيٽ ۾ تقريبن چار ڀيرا وڌيڪ ڪاربن جذب ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. هن ماضيءَ ۾ حددخلين، گدلاڻ ۽ سنڌو درياهه جي پاڻي جي وهڪري ۾ گهٽتائي سبب مينگروز کي پهتل نقصان جو ذڪر ڪندي چيو ته ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۽ صوبائي ادارا ان جي بحالي لاءِ مختلف قدم کڻي رهيا آهن. هن ٻڌايو ته ڪراچي پورٽ ٽرسٽ قبضي خورن کان مينگروز جا ڪجهه علائقا خالي ڪرايا جڏهن ته مائي ڪولاچي روڊ ۽ ان سان لاڳاپيل علائقن ۾ وڻڪاري مهم شروع ڪرڻ سان گڏوگڏ هفتيوار صفائي مهم جاري آهي. وفاقي وزير چيو ته ڪي پي ٽي ماحولياتي ڪارڪن الماس ڪاسماڻي کي سامونڊي مينگروز جي بحالي لاءِ سفير پڻ مقرر ڪيو آهي جنهن هن وقت تائين 4 هزار مينگروز ٻوٽن جي بحالي ۾ ڪردار ادا ڪيو ۽ وڌيڪ هڪ لک ٻوٽا لڳائڻ جو هدف مقرر ڪيو آهي. هن مينگروز جي تحفظ لاءِ عوامي شعور اجاگر ڪرڻ، حددخلين خلاف قانون تي سختي سان عملدرآمد ۽ بليو اڪانامي جي منصوبن ۾ سرڪاري ۽ نجي شعبي جي سيڙپڪاري وڌائڻ تي زور ڀريو. وفاقي وزير چيو ته مينگروز جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سمورا لاڳاپيل ادارا ۽ حصيدار پنهنجي واعدن کي عملي قدمن ۾ تبديل ڪن ته جيئن سامونڊي ماحولياتي نظام جو تحفظ ان سان واڳيل معيشت کي مضبوط بڻائي سگهي.










