اسلام آباد- 26 جولاءِ (اي پي پي) ٽانڪ ضلعي ۾ چيڪ پوسٽ تي حملي جي ناڪام ڪوشش ڪندڙ فتنه الخوارج جا دهشتگرد عبرت جو نشان بڻجي ويا. ٽانڪ جي علائقي مانجهي خيل ۾ واقع پوليس ۽ پاڪ فوج جي گڏيل چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن طرفان حملو ڪيو ويو هو. سيڪيورٽي فورسز وقت سر ۽ اثرائتي ڪارروائي ڪندي حملو ناڪام بنايو ۽ فتنه الخوارج جا سمورا دهشتگرد مارجي ويا. ٽانڪ جي …
ٽانڪ ۾ چيڪ پوسٽ تي حملو ڪندڙ فتنه الخوارج جي دهشتگردن کي عبرت جو نشان بڻايو ويو

مزید خبریں
اسلام آباد- 26 جولاءِ (اي پي پي) ٽانڪ ضلعي ۾ چيڪ پوسٽ تي حملي جي ناڪام ڪوشش ڪندڙ فتنه الخوارج جا دهشتگرد عبرت جو نشان بڻجي ويا. ٽانڪ جي علائقي مانجهي خيل ۾ واقع پوليس ۽ پاڪ فوج جي گڏيل چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن طرفان حملو ڪيو ويو هو. سيڪيورٽي فورسز وقت سر ۽ اثرائتي ڪارروائي ڪندي حملو ناڪام بنايو ۽ فتنه الخوارج جا سمورا دهشتگرد مارجي ويا. ٽانڪ جي مقامي بازار ۾ مارجي ويل حملي آورن جا لاش کڻي وڃڻ تي شهرين طرفان انهن تي نفرت جو اظهار ڪيو ويو. ٽانڪ جي عوام فتنه الخوارج جي مارجي ويل دهشتگردن تي سخت ڪاوڙ، بيزاري ۽ لعنت جو اظهار ڪيو. مسلسل بد امني ۽ تشدد کان متاثر مقامي آبادي هاڻي اهڙن عنصرن خلاف واضح طور تي پنهنجي سخت ڪاوڙ ۽ بيزاري جو اظهار ڪري رهي آهي. عوام طرفان اهو رد عمل ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال کي خراب ڪندڙ عنصرن لاءِ هڪ واضح ثبوت ۽ عبرتناڪ پيغام جي حيثيت رکي ٿو.










