اسلام آباد - 25 جولاءِ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان پاڪستان هارٽي ڪلچر ڊولپمينٽ اينڊ ايڪسپورٽ ڪمپني جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ۽ تنظيم کي پاڪستان جي باغباني جي شعبي کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ويليو ايڊ، جديد پراسيسنگ ٽيڪنالاجيز ۽ ايڪسپورٽ تي ٻڌل قدمن کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. واپار واري وزارت پاران ڇنڇر ڏينهن جاري پريس پڌرائي موجب وفاقي وزير اها هدايت پي …
ڄام ڪمال خان فروٽ بيگنگ انيشيٽو جي واڌ جي هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد – 25 جولاءِ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان پاڪستان هارٽي ڪلچر ڊولپمينٽ اينڊ ايڪسپورٽ ڪمپني جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ۽ تنظيم کي پاڪستان جي باغباني جي شعبي کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ويليو ايڊ، جديد پراسيسنگ ٽيڪنالاجيز ۽ ايڪسپورٽ تي ٻڌل قدمن کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. واپار واري وزارت پاران ڇنڇر ڏينهن جاري پريس پڌرائي موجب وفاقي وزير اها هدايت پي ايڇ ڊي اي سي جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر محمد نصير سان ملاقات دوران جاري ڪيون، جنهن وفاقي وزير کي تنظيم جي ڪاميابين، جاري منصوبن ۽ مستقبل جي روڊ ميپ بابت آگاهه ڪيو، جنهن جو مقصد پاڪستان جي باغباني جي روانگي واپار کي وڌائڻ ۽ آبادگارن جي آمدني ۾ واڌ ڪرڻ آهي. وفاقي وزير پي ايڇ ڊي اي سي جي فروٽ جي بيگنگ جي ڪامياب قدم جي ڪامياب قدمن کي ساراهيندي ان کي هڪ تبديلي جو عمل قرار ڏنو جنهن سان پاڪستاني ميون جي معيار، ظاهري شڪل ۽ روانگي چٽاڀيٽي ۾ نمايان بهتري آئي آهي. هن پي ايڇ ڊي اي سي کي هدايت ڪئي ته انهن قدمن کي انب، ڪيلي ۽ زيتون کان اڳتي واپاري لحاظ سان اهم فيصلن خاص ڪري کجور، انگور ۽ آڙو تائين پکيڙيو وڃي. ڊگهي مدي جي پائيداري کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڄام ڪمال خان پي ايڇ ڊي اي سي کي هدايت ڪئي ته پاڪستان جي ڪاغذ سازي جي صنعت، نجي شعبي جي حصيدارن ۽ صوبائي حڪومتن سان گڏجي فروٽ بيگنگ مواد جي مقامي پيداوار کي تلاش ڪن. درآمدات تي دارومدار گهٽ ڪن ۽ ٽيڪنالاجي کي سڄي ملڪ جي آبادگارن لاءِ سستو بڻائين. پي ايڇ ڊي اي سي جي سي اي او وفاقي وزير کي ٻڌايو فروٽ بيگنگ جي پروگرام کي پريميئم، عالمي مارڪيٽن، جاپان، ڏکڻ ڪوريا، چين ۽ يورپي يونين سان همٿائيندڙ فيڊ بيڪ مليو آهي جنهن سان پاڪستاني پيداوار جي معياري ۽ مارڪيٽبلٽي ۾ اضافو ٿيو آيه. ڄام ڪمال خان فريز ڊرائينگ، اسپري ڊرائينگ ۽ فروٽ ڊي هائڊريشن ٽيڪنالاجيز کي هٿي ڏيڻ پي ايڇ ڊي اي سي جي قدمن جي ساراهه ڪئي ۽ انهن کي غذائيت جي قدر ۽ ذائقي کي برقرار رکندي ڊگهي شيلف لائيف سان پريميئم ڪوالٽي، ويليو ايڊڊ شين جي تيار ڪرڻ لاءِ گيم چينجر موقعا قرار ڏنو. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته هي ٽيڪنالاجيز ڪاٽيج انڊسٽريز ۽ ننڍي پئماني تي زرعي پروسيسنگ ادارن جي ترقي کي اڳتي وڌائي سگهي ٿي جنهن سان روزگار جا موقعا پيدا ٿي سگهن ٿا ۽ پائيدار روانگي واپار جي آمدني پيدا ڪري سگهجي ٿي.










