روانگي واپار ۾ واڌ معاشي استحڪام لاءِ اڻٽر آهي، وزيراعظم جي اڳواڻي ۾ ملڪ معاشي طاقت بڻجڻ جي سفر تي گامزن آهي: راڻا تنوير حسين

لاهور - 25 جولاءِ (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي، ته روانگي واپار ۾ واڌ معاشي استحڪام لاءِ اڻٽر آهي، زرعي شعبي جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، وزيراعظم شهباز شريف جي اڳواڻي ۾ ملڪ معاشي طاقت بڻجڻ جي سفر تي گامزن آهي. اهڙو اظهار هن ڇنڇر ڏينهن ايڪسپو سينٽر لاهور ۾ ٿيل ايڪسپو فيصل آباد 2026ع جي افتتاحي …

لاهور – 25 جولاءِ (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي، ته روانگي واپار ۾ واڌ معاشي استحڪام لاءِ اڻٽر آهي، زرعي شعبي جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، وزيراعظم شهباز شريف جي اڳواڻي ۾ ملڪ معاشي طاقت بڻجڻ جي سفر تي گامزن آهي. اهڙو اظهار هن ڇنڇر ڏينهن ايڪسپو سينٽر لاهور ۾ ٿيل ايڪسپو فيصل آباد 2026ع جي افتتاحي تقريب ۾ خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. رانا تنوير حسين چيو ته الله تعاليٰ هن ملڪ کي بيشمار وسيلن سان مالا مال ڪيو آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انهن وسيلن کي مثبت طريقي سان ڪتب آندو وڃي. هن چيو ته پاڪستان زرعي ملڪ آهي، زرعي ترقي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي، اسان کي پيداوار ۾ واڌ لاءِ جديد زرعي ٽيڪنالاجي اختيار ڪرڻي پوندي، ته جيئن ملڪ ۾ خوشحالي آڻي سگهجي. حڪومت زرعي شعبي کي جديد رخن تي آڻڻ لاءِ پرعزم ۽ زرعي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ڪري رهي آهي. هن چيو ته اهڙي طرح جا ايڪسپو ساراهه جوڳا آهن، جنهن سان روانگي واپار وڌائڻ ۾ مدد ملندي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي معاشي ترقي ۽ استحڪام لاءِ روانگي واپار ۾ نمايان واڌ اڻٽر آهي، ڇاڪاڻ ته ڪنهن به ملڪ جي معيشت مضبوط ۽ پائيدار بڻائڻ ۾ روانگي واپار اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. هن چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني ساليانو اٽڪل 41 کان  42 ارب آمريڪي ڊالر پاڪستان موڪلي رهيا آهن، جيڪو معيشت لاءِ اهم سهارو آهي، جڏهن ته صرف  پرڏيهه مان موڪليل ناڻي تي ڀاڙڻ پائيدار معاشي ماڊل ناهي پر روانگي واپار ۾ واڌ تي خاص ڏيڻو پوندو. رانا تنوير حسين چيو ته بنگلاديش ۽ سريلنڪا جهڙن ملڪن جي روانگي واپار ۾ نمايان واڌ ٿي آهي. روانگي واپار ۾ خاطر خواه واڌ کان سواءِ پاڪستان پائيدار معاشي ترقي ۽ استحڪام جي منزل کي حاصل نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف فوڪس ڪيو آهي ته ڪهڙي ريت اسان پنهنجي ايڪسپورٽ وڌائي سگهون ٿا جنهن لاءِ هو بزنس ڪميونٽي جون مشڪلاتون گهٽ ڪري رهيو آهي. هن چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن طرفان هنرمند افرادي سگهه جي تياري لاءِ مختلف پروگرام شروع ڪيا ويا آهن، جنهن سان نوجوانن کي روزگار جا بهتر موقعا ميسر ايندا. هن چيو ته فيصل آباد اسان جو بزنس حب آهي، اسان ايڪسپورٽ ۾ هميشه فيصل آباد طرف ڏسندا آهيون. 17 بلين ڊالر صرف ٽيڪسٽائيل مان ايندا آهن. هي ايڪسپو ڪوٺائڻ بهتر قدم آهي. هن جو چوڻ هو ته اسان ڪاروبار جو به سسٽم کڻي آياسين. ايڇ آءِ ايف سي جو ادارو بڻايو آهي. هن چيو ته هنرمند افرادي قوت نه صرف ملڪي صنعتي پيداوار ۽ پيداواري صلاحيت ۾ واڌ ڪندي پر پيداواري لاڳت گهٽ ڪرڻ ۽ پاڪستاني شين کي عالمي مارڪيٽ ۾ چٽاڀيٽي وارو بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون. هن جو چوڻ هو ته عالمي سطح تي هنرمند افرادي سگهه جي طلب ۾ واڌ ٿي رهي آهي، ان لاءِ پاڪستان کي پنهنجي نوجوان کي جديد مهارتن سان تيار ڪرڻ تي توجهه ڏيڻي پوندي ته جيئن هنرمند پاڪستاني افرادي قوت پرڏيهه به بهتر موقعا حاصل ڪري ۽ ملڪ لاءِ وڌيڪ ناڻو ڪمائي، جيستائين اسان جي ايڪسپورٽ نٿي وڌي اسان اڳتي ترقي نٿا ڪري سگهون.