اسلام آباد- 25 جولاءِ (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر سان اسلام آباد چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز جي صدر سردار طاهر محمود جي اڳواڻي ۾ هڪ وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ صنعتي ترقي، ڪاروباري سرگرمين کي هٿي وٺائڻ، سيڙپڪاري ۾ واڌ ۽ پاڪستان جي معاشي ترقي لاءِ مختلف قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صنعتن ۽ پيداوار واري وزارت مان …
هارون اختر سان اسلام آباد چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي وفد جي ملاقات
اسلام آباد- 25 جولاءِ (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر سان اسلام آباد چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز جي صدر سردار طاهر محمود جي اڳواڻي ۾ هڪ وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ صنعتي ترقي، ڪاروباري سرگرمين کي هٿي وٺائڻ، سيڙپڪاري ۾ واڌ ۽ پاڪستان جي معاشي ترقي لاءِ مختلف قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صنعتن ۽ پيداوار واري وزارت مان جاري بيان موجب ان موقعي تي اسلام آباد چيمبرز آف انڊسٽريز جي وفد وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ هارون اختر خان جي معاشي ترقي، صنعتي ترقي کي هٿي وٺائڻ ۽ عوامي ڀلائي لاءِ ڪيل ڪوششن کي ساراهيو، وفد سان ڳالهائيندي هارون اختر چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اڳواڻي ۾ پاڪستان جي معاشي بحالي ۽ پائيدار ترقي جون نيون راهون هموار ٿيون آهن. هن چيو ته وزيراعظم هميشه حڪومت هدايت ڪري ٿو ته ڪاروباري برادري ۽ سيڙپڪارن کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪيون وڃن. حڪومت نجي شعبو ملڪي ترقي جو بنيادي محرڪ آهي. هن چيو ته ڪاروبار دوست ماحول جي فراهمي ۽ ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن ٻڌايو ته مقامي صنعتن کي هٿي وٺائڻ، پيداوار ۾ واڌ ۽ سيڙپڪاري تي ٻڌل ترقي لاءِ قومي صنعتي پاليسي جوڙي وئي آهي. هن چيو ته حڪومت ريگيوليٽري گيلوٽين سڌاراجاتي پروگرام جي منظوري ڏني آهي جنهن تي عملدرآمد جاري آهي. ان پروگرام جو مقصد غير ضروري رابطا جاتي رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ، طريقيڪار کي آسان بڻائڻ ۽ هڪ شفاف، موثر ۽ ڪاروبار دوست نظام قائم ڪرڻ آهي. هن چيو ته اسان هڪ اهڙو ڪاروباري ماحول جوڙڻ لاءِ پرعزم آهيون جيڪو سادو، شفاف ۽ سيڙپڪاري، صنعتي توسيع لاءِ سازگار هجي.











