اسلام آباد- 25 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪرغزستان ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي قازقستان جي هم منصب (نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير) يرميڪ ڪوشيربايف سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران واپار، سيڙپڪاري، ٽرانسپورٽ، علائقائي رابطن، توانائي، عوامي رابطن ۽ گهڻ رخي فورمز تي تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ بابت ڳالهيون ڪيون ويون. ڇنڇر …
نائب وزيراعظم جي قازقستان جي هم منصب سان ملاقات، مختلف شعبن ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون
اسلام آباد- 25 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪرغزستان ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي قازقستان جي هم منصب (نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير) يرميڪ ڪوشيربايف سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران واپار، سيڙپڪاري، ٽرانسپورٽ، علائقائي رابطن، توانائي، عوامي رابطن ۽ گهڻ رخي فورمز تي تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ بابت ڳالهيون ڪيون ويون. ڇنڇر ڏينهن پرڏيهي آفيس مان جاري بيان مطابق ٻنهي اڳواڻن هلندڙ سال جي شروعات ۾ قازقستان جي صدر قاسم جومارت توقايف جي پاڪستان جي دوري کانپوءِ پاڪستان – قازقستان لاڳاپن ۾ ٿيل اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته دوري دوران طئي ٿيل مفاهمتن جن ۾ صحيحي ٿيل 37 مفاهمتي يادداشتون به شامل آهن، تي اثرائتي عملدرآمد کي يقيني بڻايو ويندو. ٻنهي اڳواڻن واپار، سيڙپڪاري، ٽرانسپورٽ، علائقائي رابطن توانائي، عوامي رابطن ۽ گهڻ رخي فورمز تي سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي وزير سرميڪ ڪوشيربايف خطي ۾ امن ۽ سفارتڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي به ڳالهيون ڪيون، امن ۽ استحڪام ۽ خوشحالي کي هٿي ڏيڻ لاءِ پنهنجي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو. يرميڪ ڪوشيربايف، پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار کي قازقستان جي دوري جي دعوت ڏني جنهن کي هن گڏيل طور تي موزون وقت تي قبول ڪيو.











