وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان برطانوي هائوس آف لارڊ جي ميمبر ضمير چوڌري جي ملاقات

اسلام آباد- 25 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان برطانوي هائوس آف لارڊ جي ميمبر ضمير چوڌري ملاقات ڪئي. گهرو وزارت مان جاري بيان موجب ان موقعي تي لارڊ ضمير چوڌري خطي ۾ امن لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي تعريف ڪندي چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جون علائقائي استحڪام لاءِ ڪوششون تعريف جوڳيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت جي …

اسلام آباد- 25 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان برطانوي هائوس آف لارڊ جي ميمبر ضمير چوڌري ملاقات ڪئي. گهرو وزارت مان جاري بيان موجب ان موقعي تي لارڊ ضمير چوڌري خطي ۾ امن لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي تعريف ڪندي چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جون علائقائي استحڪام لاءِ ڪوششون تعريف جوڳيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت جي هاڪاري پاليسين جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. ملاقات دوران ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته خطي ۾ پائيدار امن لاءِ پاڪستان جون گڏيل ڪوششون جاري رهنديون. هن ان اميد جو پڻ اظهار ڪيو ته هن ڀيري نتيجو بهترين ايندو. محسن نقوي چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن ۽ اسان پنهنجي ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي آجيان ڪيون ٿا ۽ سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون وينديون.