وفاقي گهرو وزير پاران آپريشن العزم تحت فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد- 25 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي بلوچستان ۾ آپريشن العزم تحت فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين ڪندي چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز صوبي ۾ دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائيون ڪري رهي آهي. هن آپريشن العزم ۾ هن وقت تائين 13 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻين صلاحيتن جي تعريف ڪندي چيو ته فتنه …

اسلام آباد- 25 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي بلوچستان ۾ آپريشن العزم تحت فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين ڪندي چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز صوبي ۾ دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائيون ڪري رهي آهي. هن آپريشن العزم ۾ هن وقت تائين 13 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻين صلاحيتن جي تعريف ڪندي چيو ته فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف ڪارروائيون تعريف جوڳيون آهن. هن وڌيڪ چيو آهي ته بلوچستان ۾ دهشتگردن جي مڪمل خاتمي تائين سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروائيون جاري رهنديون.