اسلام آباد-24 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان نيوڪليئر ريگيوليٽري اٿارٽي (پي اين آر اي) 2 اهم ريگيوليٽري اجازت ناما جاري ڪري ڇڏيا، جن مان ايٽمي انجنيئرنگ جي شعبي ۾ ملڪ جو پاڻڀرو ٿيڻ کي هٿي ملندي ۽ پرڏيهي سپلائرز تي ڀاڙڻ گهٽ ٿيندو، جڏهن ته ريڊيو فارما سيوٽيڪلز جي مقامي سطح تي دستيابي وڌيڪ مستحڪم ٿيندي. اسلام آباد هيڊ ڪوارٽرز ۾ ٿيل تقريب دوران پي اين آر اي پاڪستان اٽامڪ …
ايٽمي تحفظ جي شعبي ۾ پاڪستان جو پاڻڀرو ٿيڻ لاءِ پي اين آر اي 2 نوان اجازت ناما جاري ڪري ڇڏيا

مزید خبریں
اسلام آباد-24 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان نيوڪليئر ريگيوليٽري اٿارٽي (پي اين آر اي) 2 اهم ريگيوليٽري اجازت ناما جاري ڪري ڇڏيا، جن مان ايٽمي انجنيئرنگ جي شعبي ۾ ملڪ جو پاڻڀرو ٿيڻ کي هٿي ملندي ۽ پرڏيهي سپلائرز تي ڀاڙڻ گهٽ ٿيندو، جڏهن ته ريڊيو فارما سيوٽيڪلز جي مقامي سطح تي دستيابي وڌيڪ مستحڪم ٿيندي. اسلام آباد هيڊ ڪوارٽرز ۾ ٿيل تقريب دوران پي اين آر اي پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن (پي اي اي سي) جي ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف نيوڪليئر پاور انجنيئرنگ کي ايٽمي ٺڪاڻن ۾ استعمال ٿيندڙ حفاظتي نظام ۽ اوزارن جي ڊزائين لاءِ ڊزائين لائسنس جاري ڪيا. ڄاڻايل لائسنس سان ڊي جي پي اين آر اي کي هيءَ ڊزائيننگ مقامي سطح تي سرانجام ڏيڻ جي اجازت ملي وئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ پرڏيهي سپلائرز تي ڀاڙڻ گهٽ ٿيندو، پاڪستان جي ايٽمي توانائي پروگرام جي ڊگهي مُدي واري پائيداريءَ کي وڌيڪ هٿي ملندي. ان ئي تقريب ۾ پي اين آر اي پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن جي هيوي مڪينيڪل ڪامپليڪس-3 کي مقامي طور تيار ڪيل ٽائپ بي (يو) ٽرانسپورٽ پيڪيج لاءِ ڊزائين اپروول سرٽيفڪيٽن پڻ جاري ڪيو ويو. اهو خاص پيڪيج ريڊيو فارما سيوٽيڪل جي محفوظ چُرپر لاءِ تيار ڪيو ويندو آهي. ان سرٽيفڪيٽ جي جاري ٿيڻ سان ان پيڪيج جي مقامي تياريءَ جي راهه هموار ٿيندي، جنهن جي نتيجي ۾ سڄي ملڪ جي اسپتالن کي ريڊيو فارماسيوٽيڪل جي بنا رنڊڪ، محفوظ ۽ اعتماد جوڳي فراهميءَ کي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ملندي. اهي ٻئي ريگيوليٽري اجازت ناما ڊي جي پي اين آر اي ۽ ايڇ ايم سي-3 جي تفصيلي فني جائزن، سائٽ انسپيڪشنز ۽ لائسنسنگ جي مرحلن جي ڪامياب پڄاڻيءَ کان پوءِ قومي ريگيوليٽري گهرجن ۽ عالمي حفاظتي معيارن موجب جاري ڪيا ويا. ان موقعي تي پي اين آر اي جي چيئرمين ضيا حسين چيو ته اهي اجازت ناما پاڪستان جي وڌندڙ فني صلاحيتن جو مظهر آهن ۽ ان ڳالهه جي عڪاسي ڪن ٿا ته لاڳاپيل ادارا قومي ريگيوليٽري گهرجن تي مڪمل عملدرآمد ڪري رهيا آهن، جنهن سان ايٽمي توانائي جي پُرامن استعمال لاءِ عالمي حفاظتي ۽ سيڪيورٽي معيارن موجب تحفظ کي يقيني بڻايو پيو وڃي. پي اين آر اي قومي ترقيءَ لاءِ ايٽمي ٽيڪنالاجي جي محفوظ ۽ـ پُرامن استعمال کي هٿي وٺرائڻ سان گڏوگڏ ڪارڪنن، عوام ۽ ماحول جي تحفظ جي پنهنجي عزم تي ثابت قدم آهي. پاڪستان نيوڪليئر ريگيوليٽري اٿارٽي ملڪ ۾ ايٽمي سلامتي، تابڪاري کان تحفظ ۽ لاڳاپيل ريگيوليٽري معاملن جي نگراني، ضابطه ڪاري ۽ مؤثر عملدرآمد جو ذميدار قومي ادارو آهي. اي پي پي/ز – ج/ح – ق 20:29









