ٽانڪ ۾ دهشتگردن چيڪ پوسٽ تي بارود سان ڀريل گاڏي ٽڪرائي ڇڏي، سيڪيورٽي فورسز جا 15 اهلڪار شهيد، جوابي ڪارروائيءَ ۾ 12 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي-24 جولاءِ (اي پي پي) ڪي پي ڪي صوبي جي ضلعي ٽانڪ ۾ دهشتگردن چيڪ پوسٽ تي بارود سان ڀريل گاڏي ٽڪرائي ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ سيڪيورٽي فورسز جا 15 اهلڪار شهيد، جڏهن ته جوابي ڪارروائيءَ ۾ 12 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان موجب 34 ۽ جولاءِ جي وچ واري رات ٽانڪ ضلعي ۾ قائم گڏيل پوليس چيڪ پوسٽ تي ڀارتي پُٺڀرائيءَ ۾ ڪم …

راولپنڊي-24 جولاءِ (اي پي پي) ڪي پي ڪي صوبي جي ضلعي ٽانڪ ۾ دهشتگردن چيڪ پوسٽ تي بارود سان ڀريل گاڏي ٽڪرائي ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ سيڪيورٽي فورسز جا 15 اهلڪار شهيد، جڏهن ته جوابي ڪارروائيءَ ۾ 12 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان موجب 34 ۽ جولاءِ جي وچ واري رات ٽانڪ ضلعي ۾ قائم گڏيل پوليس چيڪ پوسٽ تي ڀارتي پُٺڀرائيءَ ۾ ڪم ڪندڙ فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ خوارجين بزدلاڻو دهشتگرد حملو ڪيو. دهشتگردن چيڪ پوسٽ جي سيڪيورٽيءَ ۾ ڏار وجهڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز جي وقت سر ۽ وقتائتي ڪارروائي ان ناپاڪ اِرادن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، جوانن غير معمولي بهادري ۽ پيشيوراڻي مهارت جو مظاهرو ڪندي خوارجين جو پيڇو ڪيو ۽ 12 خوارجين کي ماري ڇڏيو. ناڪاميءَ کان پوءِ دهشتگردن بارود سان ڀريل هڪ گاڏي چيڪ پوسٽ جي حفاظتي ڀِت سان ٽڪرائي ڇڏي. شديد ڌماڪي سبب چيڪ پوسٽ جو بنيادي ڍانچو بُريءَ طرح متاثر ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 15 جوان شهيد ٿي ويا. شهيدن ۾ 12 فوجي جوان، 2 پوليس اهلڪار ۽ هڪ ٻيلي کاتي جو سرڪاري اهلڪار شامل آهي. علائقي ۾ وڌيڪ ڪنهن به ڀارتي سرپرستيءَ ۾  سرگرم خوارجي دهشتگرد جي موجودگيءَ جي خاتمي لاءِ سرچ ۽ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. نيشنل ايڪشن پلان تحت وفاقي ايپڪس ڪميٽي جي منظوريءَ سان شروع ڪيل ويزن عزم استحڪام تحت پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا پرڏيهي پُٺڀرائيءَ ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پنهنجي ڀرپور دهشتگرديءَ خلاف مهم بنا رڪاوٽ جاري رکندا. آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو ته اسان جي بهادر جوانن جون عظيم قربانيون هر قيمت تي وطنِ عزيز جي دفاع ۽ سلامتيءَ لاءِ اسان جي پُختي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون. اي پي پي/ز – ج/ح – ق 20:21

مزید خبریں