اسلام آباد - 24 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪرغزستان جي شهر چولپان آتا ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي منعقد گڏيل پينٽنگ تقريب ۾ ميمبر ملڪن جي وفدن جي سربراهن سان گڏ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب تقريب ۾ وڻن جي شاخن جي علامتي پيٽنگ تيار ڪئي وئي جيڪا شنگهائي تعاون …
نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي ميمبر ملڪن جي وفدن جي سربراهن سان گڏ ايس سي او پرڏيهي وزيرن وارين ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي منعقد گڏيل پينٽنگ تقريب ۾ شرڪت

مزید خبریں
اسلام آباد – 24 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪرغزستان جي شهر چولپان آتا ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي منعقد گڏيل پينٽنگ تقريب ۾ ميمبر ملڪن جي وفدن جي سربراهن سان گڏ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب تقريب ۾ وڻن جي شاخن جي علامتي پيٽنگ تيار ڪئي وئي جيڪا شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ امن، دوستي، تعاون ۽ گڏيل خوشحالي جي گڏيل عزم ۽ امنگن جي عڪاسي ڪري ٿي. پرڏيهي آفيس جو چوڻ آهي ته اها تقريب ايس سي او ميمبر ملڪن جي وچ ۾ گڏيل اعتماد، علائقائي يڪجهتي ۽ پائيدار تعاون جي فروغ جي علامت هئي جنهن ۾ سمورن وفدن گڏيل طور تي شرڪت ڪري تنظيم جي بنيادي مقصدن سان پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو.










