ناڻي واري وفاقي وزير جي صدارت ۾ دوائن جي اگهه بابت ڪابينه ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد-24 جولاءِ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول بابت وفاقي وزير  سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ دوائن جي اگهه بابت ڪابينه ڪميٽي جو اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ ڊرگ پرائسنگ ڪميٽي ۽ ڊريپ جي پاليسي بورڊ جي سفارشن جو جائزو ورتو ويو. ناڻي وزارت موجب اجلاس ۾ وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال ۽ دفاعي پيداوار جي وفاقي وزير رضا حيات هراج شرڪت ڪئي. اجلاس دوران ڊريپ پاران دوائن جا …

اسلام آباد-24 جولاءِ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول بابت وفاقي وزير  سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ دوائن جي اگهه بابت ڪابينه ڪميٽي جو اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ ڊرگ پرائسنگ ڪميٽي ۽ ڊريپ جي پاليسي بورڊ جي سفارشن جو جائزو ورتو ويو. ناڻي وزارت موجب اجلاس ۾ وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال ۽ دفاعي پيداوار جي وفاقي وزير رضا حيات هراج شرڪت ڪئي. اجلاس دوران ڊريپ پاران دوائن جا اگهه مقرر ڪرڻ، هارڊ شپ جي بنياد تي داخل درخواستن، دوائن جي اگهن بابت لاڳاپيل معاملا ۽ ضروري دوائن جي دستيابي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ دوران گذريل اجلاس کان پوءِ ٿيل اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو ۽ ڪميٽي جي غور لاءِ مختلف تجويزون پيش ڪيون ويون. ناڻي وزارت جي هدايت تي دوائن جي اگهن بابت سمورا فيصلا شفاف، ثبوتن تي ٻڌل ۽ مشاورتي عمل تحت ڪيا ويندا ۽ انهن ۾ عوامي مفادن کي اولين ترجيح ڏني ويندي. ناڻي واري وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اهم دوائن جي اگهن بابت فيصلن جا سبب ۽ حڪومتي موقف عوام تائين اثرائتي انداز ۾ پهچايو وڃي ته جيئن ان حوالي سان شفافيت ۽ اعتماد کي هٿي وٺائي سگهجي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن سميت قومي صحت جي سيڪريٽري محمد اسلم غوري، ڊريپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر، واپار ۽ ناڻي واري وزارت جي ٻين سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں