اسلام آباد-24 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي حڪومت عوام کي سستي ۽ معياري ڪڻڪ جي فراهميءَ لاءِ پُرعزم آهي، ان پاليسيءَ کي نظر ۾ رکندي وفاق ۽ سڀني صوبن وچ ۾ ڪڻڪ جي دستيابي، قيمتن ۽ سپلاءِ جي صورتحال تي تفصيلي مشاورت ڪئي وئي. قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت مان جمعي تي جاري ڪيل پڌرنامي موجب گڏيل اتفاقِ راءِ سان فيصلو ڪيو ويو آهي ته پاسڪو وٽ موجود …
وفاق ۽ صوبن وچ ۾ ڪڻڪ جي دستيابي، قيمتن ۽ سپلاءِ جي صورتحال تي تفصيلي مشاورت ڪئي وئي: قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت

مزید خبریں
اسلام آباد-24 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي حڪومت عوام کي سستي ۽ معياري ڪڻڪ جي فراهميءَ لاءِ پُرعزم آهي، ان پاليسيءَ کي نظر ۾ رکندي وفاق ۽ سڀني صوبن وچ ۾ ڪڻڪ جي دستيابي، قيمتن ۽ سپلاءِ جي صورتحال تي تفصيلي مشاورت ڪئي وئي. قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت مان جمعي تي جاري ڪيل پڌرنامي موجب گڏيل اتفاقِ راءِ سان فيصلو ڪيو ويو آهي ته پاسڪو وٽ موجود ڪڻڪ جا ذخيرا فوري طور صوبن جي ضرورتن موجب فراهم ڪيا ويندا. اهو پڻ فيصلو ڪيو ويو ته ڇاڪاڻ ته صوبن جي مجموعي ضرورت پاسڪو جي دستياب ذخيرن کان وڌيڪ آهي، ان لاءِ فوري طور 10 لک ٽن ڪڻڪ امپورٽ ڪئي ويندي ته جيئن ملڪي ضرورتون پوريون ڪري سگهجن ۽ مارڪيٽ ۾ استحڪام برقرار رهي.










