اسلام آباد-24 جولاءِ(اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي مستونگ جي کڊڪوچه ۾ آپريشن العزم دوران چئن دهشتگردن جي مارجي وڃڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وفاقي وزير آپريشن دوران چئن دهشتگردن جي مارجي وڃڻ کي سيڪيورٽي فورسز جي اعليٰ پيشيوراڻي مهارت ۽ اثرائتي حڪمت عملي جو ثبوت قرار ڏنو. هن چيو ته وطن جي امن ۽ سلامتي لاءِ اسان جي بهادر فورسز …
ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي پاران مستونگ ۾ آپريشن العزم دوران چئن دهشتگردن جي مارجي وڃڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد-24 جولاءِ(اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي مستونگ جي کڊڪوچه ۾ آپريشن العزم دوران چئن دهشتگردن جي مارجي وڃڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وفاقي وزير آپريشن دوران چئن دهشتگردن جي مارجي وڃڻ کي سيڪيورٽي فورسز جي اعليٰ پيشيوراڻي مهارت ۽ اثرائتي حڪمت عملي جو ثبوت قرار ڏنو. هن چيو ته وطن جي امن ۽ سلامتي لاءِ اسان جي بهادر فورسز جون قربانيون پوري قوم لاءِ فخر جو سبب آهن. هن ان عزم جواظهار ڪيو ته خوارج ۽ ٻين امن دشمن عنصرن کي ناپاڪ ارادن ۾ ڪامياب نه ٿيڻ ڏنو ويندو ۽ ملڪ ۾ رياست جي رٽ هر قيمت تي برقرار رکي ويندي.










