اسلام آباد-24 جولاءِ (اي پي پي) عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي اگهه ۾ ٻه سيڪڙو کان وڌيڪ جي گهٽتائي رڪارڊ ٿي آهي جڏهن ته سون ۽ جنسن جي اگهه ۾ اضافي جو لاڙو رهيو. رپورٽن موجب ڪاروباري سرگرمين دوران آمريڪي ڪچي تيل ڊبليو ٽي آءِ ڪروڊ آئل جي سيپٽمبر ۾ فراهمي جا معاهدا 2.28 ڊالرز ( 2.47 سيڪڙو) جي گهٽتائي سان 89.91 ڊالرز في بيرل ۽ برينٽ ڪروڊ جي …
عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي اگهه ۾ ٻه سيڪڙو کان وڌيڪ گهٽتائي رڪارڊ

مزید خبریں
اسلام آباد-24 جولاءِ (اي پي پي) عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي اگهه ۾ ٻه سيڪڙو کان وڌيڪ جي گهٽتائي رڪارڊ ٿي آهي جڏهن ته سون ۽ جنسن جي اگهه ۾ اضافي جو لاڙو رهيو. رپورٽن موجب ڪاروباري سرگرمين دوران آمريڪي ڪچي تيل ڊبليو ٽي آءِ ڪروڊ آئل جي سيپٽمبر ۾ فراهمي جا معاهدا 2.28 ڊالرز ( 2.47 سيڪڙو) جي گهٽتائي سان 89.91 ڊالرز في بيرل ۽ برينٽ ڪروڊ جي سيپٽمبر جا سودا 2.80 ڊالر ( 2.78 سيڪڙو) جي گهٽتائي سان 89.91 ڊالرز في بيرل ۾ طئه ٿيا. اهڙي ريت سون جي اگهه ۾ 0.13 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ۽ سون جو اگهه 5.30 ڊالرز جي اضافي سان 4055.50 ڊالرز في اونس جڏهن ته چاندي جو اگهه 0.49 ڊالر جي اضافي سان 58. 54 ڊالرز في اونس تائين پهچي ويو. ڪموڊٽي مارڪيٽ ۾ مڪئي ۽ ڪڻڪ جي اگهن ۾ اضافي جو لاڙو رهيو ۽ مڪئي جو اگهه 3.50 ڊالر جي اضافي سان 491 ڊالرز في بشل ۽ ڪڻڪ جو اگهه 10.75 ڊالرز جي اضافي سان 707 ڊالرز في بشل ٿي ويو.










