اسلام آباد - 24 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان، مصر، ترڪيه، انڊونيشيا، اردن، قطر، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي وزيرن مسجد اقصى الحرم الشريف ۾ اسرائيل جي تازي اشتعال انگيز ڪاررواين خاص طور تي اسرائيلي انتهاپسند وزيرن جي قيادت ۾ آبادڪارن جي مسلسل وڏي پئماني تي مسجد اقصى الحرم الشريف ۾ اسرئيلي فوج جي تحفظ ۾ داخل ٿيڻ، ان جي اڱڻ ۾ اسرائيلي جهنڊو ڦڙڪائ، اسرائيلي پوليس …
پاڪستان سميت 8 اسلامي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي مسجد اقصى ۾ اسرائيل جي اشتعال انگيز ڪاررواين جي مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد – 24 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان، مصر، ترڪيه، انڊونيشيا، اردن، قطر، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي وزيرن مسجد اقصى الحرم الشريف ۾ اسرائيل جي تازي اشتعال انگيز ڪاررواين خاص طور تي اسرائيلي انتهاپسند وزيرن جي قيادت ۾ آبادڪارن جي مسلسل وڏي پئماني تي مسجد اقصى الحرم الشريف ۾ اسرئيلي فوج جي تحفظ ۾ داخل ٿيڻ، ان جي اڱڻ ۾ اسرائيلي جهنڊو ڦڙڪائ، اسرائيلي پوليس پاران ٻه خيما هڻڻ ۽ ٻين سمورن اشتعال انگيز قدمن جي شديد ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. جمعي ڏينهن پرڏيهي آفيس موجب پنهنجي گڏيل بيان ۾ پرڏيهي وزيرن چيو ته اهي اشتعال انگيز ۽ ناقابل قبول قدم عالمي قانون، گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن ۽ والاريل اوڀرندي بيت المقدس جي مقدس جاين جي تاريخي ۽ قانوني حيثيت جي خلاف ورزي آهن. 8 مسلمان ملڪن جي پرڏيهي وزيرن اسرائيلي انتهاپسند وزيرن ۽ گروهن پاران اشتعال انگيزي، مسجد اقصى ۾ دراندازي جي لاءِ اتساهڻ ۽ تشدد تي ٻڌل غيرقانوني ۽ انتهاپسنداڻي قدمن جي پڻ شديد ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي. هنن خبردار ڪيو ته اهي اشتعال انگيز قدم نفرت ۽ انتهاپسندي کي هوا ڏين ٿا ۽ ٻه رياستي حل جي بنياد تي منصفاڻي ۽ پائيدار امن قائم ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڪاوٽ بڻجن ٿا. والاريل بيت المقدس جي قديم شهر ۽ اتي موجود عبادتگاهن تائين پهچ تي لاڳو پابنديون رڳو قديم شهر جي ٻين عبادتگاهن تائين امتيازي انداز ۾ پهچ محدود ڪرڻ، عالمي قانون، بشمول عالمي انساني قانون جي واضح خلاف ورزي ۽ تاريخي ۽ قانوني حيثيت کي تبديل ڪرڻ جي غيرقانوني ڪوشش آهي. پرڏيهي وزيرن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسرائيل کي والاريل بيت المقدس يا اتان جي اسلامي ۽ مسيحي مقدس جاين تي ڪنهن به قسم جي خودمختياري حاصل نه آهي. پرڏيهي وزيرن قابض اسرائيل پاران والاريل اوڀرندي بيت المقدس جي تاريخي، قانوني ۽ آبادياتي تشخص کي تبديل ڪرڻ ۽ اتان جي اسلامي ۽ مسيحي مقدس جاين جي تقدس ۽ حيثيت کي نقصان پهچائڻ جي لاءِ جاري منظم ۽ مسلسل خلاف ورزين ۽ قدمن جي سخت مذمت ڪئي. هنن والاريل بيت المقدس ۽ ان جي اسلامي ۽ مسيحي مقدس جاين جي تاريخي ۽ قانوني حيثيت کي تبديل ڪرڻ جي ڪوششن کي واضح انداز ۾ رد ڪندي ان جي تحفظ تي زور ڏنو جڏهن ته ان ڏس ۾ تاريخي هاشمي سرپرستي جي خصوصي ڪردار کي پڻ تسليم ڪيو. پرڏيهي وزيرن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته مسجد اقصى الحرم الشريف جو پورو 144 دونم تي ٻڌل احاطو رڳو مسلمانن جي عبادت جي لاءِ مخصوص آهي ۽ اهو ته اردن جي اوقاف ۽ اسلامي معاملن واري وزارت جي ماتحت والاريل بيت المقس ۽ مسجد اقصى معاملن بابت کاتو ئي اهو واحد قانوني ادارو آهي جنهن کي مسجد اقصى الحرم الشريف جي انتظام ۽ انصرام ۽ ان ۾ داخلا کي منظم ڪرڻ جو خصوصي اختيار حاصل آهي. پرڏيهي وزيرن قابض طاقت جي حيثيت سان اسرائيل کان مطالبو ڪيو ته هو فوري طور تي والاريل بيت المقدس جي قديم شهر تائين پهچ تي لاڳو پابنديون ختم ڪري ۽ نمازين کي مسجد اقصى تائين پهچڻ کان روڪڻ کان پاسو ڪري. هنن عالمي برادري تي پڻ زور ڀريو ته اها هڪ مضبوط ۽ موثر موقف اختيار ڪري جيڪو اسرائيل کي والاريل بيت المقدس جي اسلامي ۽ مسيحي مقدس جاين جي خلاف جاري خلاف ورزين ۽ غيرقانوني قدمن، انهن مقدس جاين جي تقدس جي پائمالي کان پاسو ڪرڻ تي مجبور ڪري.











