سيڪيورٽي فورسز جي بلوچستان ۾ مستونگ جي علائقي کڏ کوچه ۾ ڪامياب ڪارروائي، فتنه الهندستان جا 4 دهشتگرد مارجي ويا، ڪيترائي زخمي

راولپنڊي-24 جولاءِ (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز جي بلوچستان ۾ مستونگ جي علائقي کڏ کوچه ۾ ڪامياب ڪارروائي دوران فتنه الهندستان جا 4 دهشتگرد مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. سيڪيورٽي ذريعن موجب سيڪيورٽي فورسز جي ڳجهي اطلاع جي بنياد تي آپريشن العزم تحت بلوچستان ۾ دهشتگرديءَ خلاف ڀرپور ۽ مؤثر ڪارروايون جاري آهن. سيڪيورٽي فورسز بلوچستان ۾ مستونگ جي علائقي کڏ کوچه ۾ ڪامياب ڪارروائيءَ دوران فتنه الهندستان …

راولپنڊي-24 جولاءِ (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز جي بلوچستان ۾ مستونگ جي علائقي کڏ کوچه ۾ ڪامياب ڪارروائي دوران فتنه الهندستان جا 4 دهشتگرد مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. سيڪيورٽي ذريعن موجب سيڪيورٽي فورسز جي ڳجهي اطلاع جي بنياد تي آپريشن العزم تحت بلوچستان ۾ دهشتگرديءَ خلاف ڀرپور ۽ مؤثر ڪارروايون جاري آهن. سيڪيورٽي فورسز بلوچستان ۾ مستونگ جي علائقي کڏ کوچه ۾ ڪامياب ڪارروائيءَ دوران فتنه الهندستان جا 4 دهشتگرد ماري ڇڏيا. ڪامياب آپريشن دوران مارجي ويل دهشتگردن وٽان وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ گوله بارود به هٿ آيو. سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي استعمال هيٺ موٽر سائيڪل کي به ضبط ڪري ورتو. سيڪيورٽي ذريعن موجب سيڪيورٽي فورسز جي اثرائتي ڪارروائيءَ ۾ فتنه الهندستان جا ڪيترائي دهشتگرد زخمي ٿيڻ جي به پڻ تصديق جا اطلاع آهن. سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران دهشتگردن جي سهولتڪارن ۾ ملوث ڪيترن ئي شڪي ماڻهن کي پڻ گرفتار ڪيو ويو آهي. آپريشن دوران علائقي ۾ سرچ ۽ ڪليئرنس ڪارروايون جاري آهن. سيڪيورٽي فورسز طرفان مڪمل نگراني برقرار آهي. ويجهڙ ڏينهن ۾ مستونگ جي علائقي کڏ کوچه ۾ دهشتگردن جي ناپاڪ ڪاررواين کان پوءِ سيڪيورٽي فورسز طرفان ڳجهي اطلاع جي بنياد تي آپريشن تيز ڪيا ويا آهن. سيڪيورٽي ذريعن چيو آهي ته دهشتگرديءَ جي خاتمي ۽ خطي ۾ امن امان جي قيام تائين سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون مسلسل جاري رهنديون.

مزید خبریں