ڪراچي- 24 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان ۾ ترقي جي عمل کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته بلوچستان جي عوام کي بنيادي سهولتن جي فراهمي ۽ صوبي جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. جمعي ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ موجب، صدر اهڙن خيالن جو اظهار بلوچستان جي وزيرن سان بلاول هائوس ڪراچي ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات …
بلوچستان ۾ ترقي جي عمل کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي، بنيادي سهولتن جي فراهمي ۽ صوبي جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي: صدر آصف علي زرداري

مزید خبریں
ڪراچي- 24 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان ۾ ترقي جي عمل کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته بلوچستان جي عوام کي بنيادي سهولتن جي فراهمي ۽ صوبي جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. جمعي ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ موجب، صدر اهڙن خيالن جو اظهار بلوچستان جي وزيرن سان بلاول هائوس ڪراچي ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ بلوچستان ۾ امن امان، ترقياتي منصوبن ۽ صوبي جي مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدر ان موقعي تي بلوچستان ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته بلوچستان جي ترقي، امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ، عوامي ڀلائي ۽ صوبي ۾ معاشي سرگرمين جي فروغ لاءِ سڀئي لاڳاپيل ادارا جامع انداز ۾ ڪم ڪن. مُلاقات ۾ آبپاشي وارو صوبائي وزير صادق عمراڻي، منصوبابندي ۽ ترقي وارو وزير ظهور بليدي، صحت وارو وزير مير بخت ڪاڪڙ، لائيو اسٽاڪ وارو وزير سردار فيصل جمالي، صنعت ۽ واپار وارو وزير ڪوهيار ڊومڪي، پورهيئي وارو وزير غلام رسول عمراڻي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي بلوچستان جو سينئر نائب صدر مير علي حسن زهري شريڪ هُئا.











