گهرو معاملن واري وفاقي وزير پاران سيشن جج تي فائرنگ جي شديد مذمت، سيشن جج ۽ سندس گن مين جي شهادت تي ڏُک جو اظهار

اسلام آباد-23 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير مستونگ ويجهو سيشن جج عبدالحڪيم ڪاڪڙ ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ طارق لاشاريءَ جي گاڏيءَ تي ٿيل دهشتگرداڻي حملي ۽ فائرنگ واقعي جي شديد مذمت ڪئي آهي. گهرو وزير فائرنگ جي نتيجي ۾ سيشن جج عبدالحڪيم ڪاڪڙ ۽ سندس گن مين جي شهادت تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي ڏکويل ڪٽنبن سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. …

اسلام آباد-23 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير مستونگ ويجهو سيشن جج عبدالحڪيم ڪاڪڙ ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ طارق لاشاريءَ جي گاڏيءَ تي ٿيل دهشتگرداڻي حملي ۽ فائرنگ واقعي جي شديد مذمت ڪئي آهي. گهرو وزير فائرنگ جي نتيجي ۾ سيشن جج عبدالحڪيم ڪاڪڙ ۽ سندس گن مين جي شهادت تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي ڏکويل ڪٽنبن سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. هن شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ ڏکويل ڪٽنبن لاءِ صبر جي دُعا ڪئي، جڏهن ته زخمي جوڊيشل مئجسٽريٽ طارق لاشاري ۽ ٻين ماڻهن جي جلد صحتيابيءَ لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته اهڙيون بزدلاڻيون ڪارروايون دهشتگرديءَ خلاف اسان جي قوم جي پُختي عزم کي ڪمزور نٿيون ڪري سگهن. هن وڌيڪ تاڪيد ڪئي ته پورو ملڪ شهيدن جي ڪٽنبن سان گڏ بيٺل آهي ۽ رياست هر مشڪل گهڙيءَ ۾ ساڻن گڏ رهندي.

مزید خبریں