ريلوي واري وفاقي وزير پاران مستونگ آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش

اسلام آباد-23 جولاءِ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي محمد وزير حنيف عباسي بلوچستان جي ضلعي مستونگ جي علائقي کڏ کوچه ۾ سيڪيورٽي فورسز جي جاري ڪامياب آپريشن تي فورسز کي زبردست خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز دليراڻي ڪارروائيءَ دوران هن وقت تائين 6 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو آهي، جيڪي فورسز جي اعليٰ پيشيوراڻي صلاحيتن جو چِٽو ثبوت آهي. هن واضح ڪيو …

اسلام آباد-23 جولاءِ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي محمد وزير حنيف عباسي بلوچستان جي ضلعي مستونگ جي علائقي کڏ کوچه ۾ سيڪيورٽي فورسز جي جاري ڪامياب آپريشن تي فورسز کي زبردست خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز دليراڻي ڪارروائيءَ دوران هن وقت تائين 6 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو آهي، جيڪي فورسز جي اعليٰ پيشيوراڻي صلاحيتن جو چِٽو ثبوت آهي. هن واضح ڪيو ته آپريشن خطي مان دهشتگرديءَ جي مڪمل خاتمي تائين بنا رڪاوٽ جي جاري رهندو. حنيف عباسي چيو ته پاڪستان جي بهادر سيڪيورٽي فورسز دشمن جي هر خطري ۽ سازش کي مُنهن ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي. دهشتگرديءَ خلاف ان جنگ ۾ فورسز جو عزم بلند آهي ۽ 24 ڪروڙ عوام پنهنجي هٿياربند فوج ۽ سيڪيورٽي ادارن سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته ملڪ دشمن ۽ دهشتگرد ڌُريون پنهنجن ناپاڪ ارادن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. پاڪ وطن جي امن ۽ استحڪام لاءِ سيڪيورٽي فورسز جون بي مثال قربانيون ۽ ڪامياب آپريشنز  پوري قوم لاءِ فخر جي ڳالهه آهي.

مزید خبریں