وزيراعظم پاران سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان کي سعودي عرب ۽ عالمي برادري سان ويجهو تعاون جاري رکڻ جي خاطري

اسلام آباد - 23 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان کي يقين ڏياريو آهي ته پاڪستان امن، سلامتي، استحڪام ۽ بحيره احمر، آبنائي هرمز ۽ وسيع تر خطي ۾ قانوني سامونڊي واپار جي بنا رڪاوٽ اچ وڃ جي لاءِ سعودي عرب ۽ عالمي برادري سان ويجهو تعاون جاري رکندو. خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان …

اسلام آباد – 23 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان کي يقين ڏياريو آهي ته پاڪستان امن، سلامتي، استحڪام ۽ بحيره احمر، آبنائي هرمز ۽ وسيع تر خطي ۾ قانوني سامونڊي واپار جي بنا رڪاوٽ اچ وڃ جي لاءِ سعودي عرب ۽ عالمي برادري سان ويجهو تعاون جاري رکندو. خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. انتهائي خوشگوار ماحول ۾ ٿيندڙ ان ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم بحيره احمر ۾ سعودي آئل ٽينڪرز تي حوثي مليشيا جي بزدلاڻي حملن جي شديد ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي. هن چيو ته اهڙا قدم قطعي طور تي ناقابل قبول ۽ عالمي قانون جي واضح خلاف ورزي آهن. وزيراعظم چيو ته اهي قدم جهاز راني ۽ واپاري چرپر جي آزادي جي لاءِ خطرو ۽ علائقائي امن، سلامتي ۽ استحڪام کي نقصان پهچائين ٿا. هن ڀائر ملڪ سعودي عرب سان پاڪستان جي مڪمل يڪجهتي جو ورجاءُ ڪندي چيو ته هو پاڻ، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ پوري پاڪستاني قوم ان نازڪ وقت ۾ سعودي قيادت ۽ ملڪ جي ڀائر عوام سان مضبوطي ۽ عزم سان گڏ بيٺل آهيون. هن سعودي عرب جي سلامتي، خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ خوشحالي جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان کي يقين ڏياريو ته پاڪستان امن، سلامتي، استحڪام، بحيره احمر، آبنائي هرمز ۽ وسيع تر خطي ۾ قانوني سامونڊي واپار جي بنا رڪاوٽ اچ وڃ جي لاءِ ملڪ ۽ عالمي برادري سان ويجهو تعاون جاري رکندو. هن خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ال سعود جي لاءِ پڻ نيڪ خواهشن ۽ خيرسگالي جي جذبن جو اظهار ڪيو. ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان پاڪستان جي مستقل حمايت ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻي لاڳاپن کي ساراهيو.

مزید خبریں