اسلام آباد - 23 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب خطي ۾ امن، سلامتي ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ ويجهو تعاون جاري رکندا جڏهن ته بحيره احمر، آبنائي هرمز ۽ پوري خطي ۾ قانوني سامونڊي واپار ۽ سامونڊي اچ وڃ جي بنا رڪاوٽ تسلسل کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ گڏيل طور تي ڪم ڪندا رهندا. خميس ڏينهن ايڪس تي پنهنجي …
پاڪستان ۽ سعودي عرب خطي ۾ امن، سلامتي ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ ويجهو تعاون جاري رکندا: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد – 23 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب خطي ۾ امن، سلامتي ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ ويجهو تعاون جاري رکندا جڏهن ته بحيره احمر، آبنائي هرمز ۽ پوري خطي ۾ قانوني سامونڊي واپار ۽ سامونڊي اچ وڃ جي بنا رڪاوٽ تسلسل کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ گڏيل طور تي ڪم ڪندا رهندا. خميس ڏينهن ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم ٻڌايو ته سندس پنهنجي عزيز ڀاءُ سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي. مون بحيره احمر ۾ سعودي تيل بردار جهازن تي حوثي مليشيا جي حملن جي شديد ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي. وزيراعظم چيو ته اهڙي نوعيت جون ڪارروايون ناقابل قبول ۽ عالمي قانون جي خلاف ورزي ۽ سامونڊي اچ وڃ جي آزادي جي لاءِ خطرو آهن ۽ علائقائي امن ۽ سلامتي کي نقصان پهچائين ٿيون. وزيراعظم چيو ته مون ڀائر ملڪ سعودي عرب سان پاڪستان جي مڪمل يڪجهتي جو ورجاءُ ڪيو ۽ انهن کي يقين ڏياريو ته آئون، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ پوري پاڪستاني قوم ان نازڪ وقت ۾ سعودي عرب قيادت ۽ ڀائر عوام سان پوري ثابت قدمي ۽ اڻٿڪ عزم سان گڏ بيٺل آهيون. ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان ۽ مون ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته اسان خطي ۾ امن، سلامتي ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ ويجهو تعاون جاري رکنداسين، جڏهن ته بحيره احمر، آبنائي هرمز ۽ پوري خطي ۾ قانوني سامونڊي واپار ۽ سامونڊي اچ وڃ جي بنا رڪاوٽ تسلسل کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ گڏيل طور تي ڪم ڪندا رهنداسين.










