اسلام آباد-23 جولاءِ (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري پنهنجي چين جي دؤري دوران بيجنگ ۾ چائينا ريلوي اليڪٽريفڪيشن انجنيئرنگ گروپ ڪمپنيءَ جي نائب صدر لي لي سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ چين وچ سامونڊي رابطن ۽ ٽرانسپورٽ انفراسٽرڪچر ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. وزارت مان جاري پريس رليز موجب خميس ڏينهن ملاقات ۾ ريلوي الڪيٽريفڪيشن، بندرگاهن کي …
محمد جنيد انوار چوڌري جي بيجنگ ۾ چائينا ريلوي اليڪٽريفڪيشن انجنيئرنگ گروپ ڪمپنيءَ جي نائب صدر سان ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-23 جولاءِ (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري پنهنجي چين جي دؤري دوران بيجنگ ۾ چائينا ريلوي اليڪٽريفڪيشن انجنيئرنگ گروپ ڪمپنيءَ جي نائب صدر لي لي سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ چين وچ سامونڊي رابطن ۽ ٽرانسپورٽ انفراسٽرڪچر ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. وزارت مان جاري پريس رليز موجب خميس ڏينهن ملاقات ۾ ريلوي الڪيٽريفڪيشن، بندرگاهن کي ريلوي نيٽ ورڪ سان ڳنڍڻ، لاجسٽڪس انفراسٽڪچر، اسمارٽ ٽرانسپورٽ سسٽمز ۽ سي پيڪ راهدي تحت علائقائي واپار کي هٿي ڏيڻ بابت مختلف رٿائن تي سهڪار جي امڪانن جو جائزو ورتو ويو. وفاقي وزير چيو ته چين جي پهرين نمبر جي انجنيئرنگ ڪمپنين سان سهڪار سان پاڪستان جي بندرگاهن کي اندرون ملڪ اقتصادي راهدارين سان جوڙڻ لاءِ جديد، مؤثر ۽ پائيدار ٽرانسپورٽ نيٽ ورڪ جي ترقي ممڪن ٿيندي، جنهن سان واپاري چٽاڀيٽي ۾ واڌ ۽ پائيدار اقتصادي ترقي کي هٿي ملندي. هن چيو ته پاڪستان حڪومت بندرگهان جي جديد رُخن تي ترقي، پائيدار انفراسٽرڪچر کي هٿي ڏيڻ ۽ عالمي سيڙپڪاريءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. ان موقعي تي اي اي بي جي قيادت پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ فني سهڪار جي موقعن ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪندي جديد انجنيئرنگ جي حل ۽ عالمي ڀائيواريءَ ذريعي ملڪ جي انفراسٽرڪچر جي ترقيءَ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ڌُرين ريلوي اليڪٽريفڪيشن، پورٽ لاجسٽڪس ۽ اسمارٽ ٽرانسپورٽ سسٽمز جي ترجيحي منصوبن تي اداره جاتي سهڪار وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي اتفاق ڪيو. وفاقي وزير چيني عهديدار لي لي کي پاڪستان جي دؤري جي دعوت پڻ ڏني ته جيئن سيڙپڪاري جي موقعن ۽ امڪاني انفراسٽرڪچر جي رٿائن جو جائزو وٺي سگهجي. لي لي دعوت قبول ڪندي پاڪستان ۾ ڪمپنيءَ جي سرگرمين کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۾ دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو.











