اسلام آباد-23 جولاءِ (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت بابت وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي ۽ پاڪستان ۾ آمريڪا جي وقتي سفير (يو ايس چارج ڊي افيئرز) اينڊي هيلس لوڪ ورثه هيريٽيج ميوزيم ۾ آمريڪي لبرٽي بيل نمائش جو گڏيل افتتاح ڪيو جيڪو ٻنهي ملڪن وچ ۾ پُراڻي ثقافتي ڀائيواريءَ جي علامت آهي. جاري بيان موجب افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير آزاديءَ واري اعلان جي 250هين سالگره …
لوڪ ورثه ميوزيم ۾ تقريب منعقد، وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي ۽ آمريڪا جي وقتي سفير پاران نمائش جو افتتاح

مزید خبریں
اسلام آباد-23 جولاءِ (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت بابت وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي ۽ پاڪستان ۾ آمريڪا جي وقتي سفير (يو ايس چارج ڊي افيئرز) اينڊي هيلس لوڪ ورثه هيريٽيج ميوزيم ۾ آمريڪي لبرٽي بيل نمائش جو گڏيل افتتاح ڪيو جيڪو ٻنهي ملڪن وچ ۾ پُراڻي ثقافتي ڀائيواريءَ جي علامت آهي. جاري بيان موجب افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير آزاديءَ واري اعلان جي 250هين سالگره تي آمريڪي عوام کي مبارڪون پيش ڪيون ۽ پاڪستاني عوام طرفان نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان آمريڪا سان ثقافتي ناتن کي مضبوط بنائڻ لاءِ پُرعزم آهي ڇاڪاڻ ته عوامي رابطا ۽ ثقافتي سهڪار ٻنهي ملڪن جي جٽادار ٻه طرفن ناتن کي مضبوط ترين ٿنڀن مان هڪ آهي. وفاقي وزير چيو ته جيتوڻيڪ پاڪستان جي اڪثر آبادي نوجوانن تي ٻَڌل آهي، جڏهن ته آئيني جمهوريت، انفرادي آزادي ۽ معاشي خودمختياري جهڙا اصول اسان لاءِ به اهم آهن. هن چيو ته لوڪ ورثه ميوزيم ۾ ان نمائش جو بندوبست سٺو سنوڻ آهي ڇاڪاڻ ته اهو ادارو پاڪستان جي زنده ثقافتي ورثي جو امين آهي. سندس موجب اها نمائش پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ ثقافتي، فني ۽ تاريخي رابطن جي عڪاسي ۽ ٻنهي ملڪن جي ڀرپور روايتن جو جشن پڻ آهي. پاڪستاني فنڪارن جي صلاحيتن کي ساراهيندي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان غير معمولي تخليقي صلاحيتون رکندڙ فنڪارن جي ڌرتي آهي جيڪي پنهنجي فن ذريعي قوم جي اُمنگن جي ترجماني ڪن ٿا. هن انهن 16 پاڪستاني فنڪارن کي خراجِ تحسين پيش ڪيو جن آمريڪي لبرٽي بيل کي منفرد فنپارن ۾ اختيار ڪري اهو ثابت ڪيو ته فن جي ڪا سرحد، ٻولي يا تاريخ ناهي هوندي. اورنگزيب خان کچي چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جا ناتا گڏيل احترام ۽ گڏيل مقصدن تي ٻَڌل آهن، جڏهن ته ثقافتي سفارتڪاري ۽ عوامي رابطا انهن ناتن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. وفاقي وزير ويجهڙ سالن ۾ آمريڪا سان پاڪستان جي قيمتي ثقافتي نوادرات جي ڪامياب واپسيءَ جو پڻ ذڪر ڪيو ۽ چيو ته اها اهم ڪاميابي ٻنهي ملڪن وچ ۾ ويجهي سهڪار جو نتيجو آهي. هن پاڪستان ۾ آمريڪي مشن طرفان پاڪ- آمريڪا ناتن کي هٿي ڏيڻ لاءِ مسلسل سهڪار کي پڻ ساراهيو ۽ ان اميد جو اطهار ڪيو ته ثقافتي ڀائيواري ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل اعتماد، دوستي ۽ هم آهنگي کي وڌيڪ هٿي ڏيندي. ان موقعي تي خطاب ڪندي وقتي سفير چيو ته ثقافتي ورثو ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط پُل جي حيثيت رکي ٿو جنهن ذريعي ٻنهي ملڪن جي تحفظ ۽ ثقافت ۽ فنون کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏيل طور تي ڪم ڪري رهيا آهن. هن ان سال جي شروعات ۾ 450 کان وڌيڪ پاڪستاني ثقافتي نوادرات جن جي ماليت تقريبن 23 ملين آمريڪي ڊالرز آهي، جي ڪامياب واپسيءَ ۾ وفاقي وزير اورنگزيب خان جي سهڪار تي شڪريو ادا ڪيو. اينڊي هيلس چيو ته ثقافتي ورثي جي تحفظ لاءِ وفاقي وزير کي آمريڪا سان ڀائيواري ان ڳالهه جي عڪاسي آهي ته ٻئي ملڪ ثقافت جي ٻه طرفن ناتن کي هٿي ڏيڻ جو مؤثر ذريعو سمجهي ٿي. هن چيو ته آمريڪا جي آزاديءَ واري اعلان جي 250هين سالگره جي تقريبن لاءِ پاڪستان ۾ لبرٽي بيل کي مرڪزي حيثيت ڏيڻ هڪ فطري فيصلو هو. هن چيو ته لبرٽي بيل تي لکيل لفظ ”سموري ڌرتيءَ ۾ ان جي سمورن رهندڙن لاءِ آزادي جو اعلان ڪريو“ گذريل اڍائي صدين کان آزاديءَ جي علامت طور تي نسل درنسل ماڻهن کي متاثر ڪندا آيا آهن. اينڊي هيلس ٻُڌايو ته سڄي پاڪستان ۾ قائم لنڪن ڪارنر نيٽ ورڪ ذريعي 16 پاڪستاني فنڪارن کي لبرٽي بيل جي حقيقي جسامت جي نقل تي مصوري جي دعوت ڏني وئي جتي هر فنڪار کان سوال ڪيو ويو ته مون لاءِ آزاديءَ جو ڇا مطلب آهي، انهن قدمن جي نتيجي ۾ 16 منفرد فنپارا تخليق ٿيا جيڪي آزادي، اظهار جي تخليق ۽ پاڪستاني معاشي جدت وارن نظرين جي عڪاسي ڪن ٿا. هن چيو ته لوڪ ورثه ڊگهي عرصي کان پاڪستان جي ثقافتي ورثي جي تحفظ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي ۽ هاڻ اها نمائش آمريڪا جي آزادي جي داستان کي پڻ پاڪستان جي هڪ اهم ثقافتي اداري تائين وٺي آئي آهي. هن نمائش ۾ شريڪ سمورن فنڪارن کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته هن آمريڪي لبرٽي بيل کي اهڙن منفرد فنپارن ۾ تبديل ڪيو جيڪو گڏيل انساني قدرن جي عڪاسي ڪري ٿو ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ثقافتي هم آهنگي کي هٿي ڏئي ٿو. اينڊي هيلس چيو ته 2027ع ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ سفارتي ناتن کي 80 سال مڪمل ٿيندا ۽ کيس يقين آهي ته ثقافتي سهڪار ٻنهي ملڪن جي پُراڻي دوستي کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندو.











