ملڪ ۾ تربيت يافته نرسنگ افرادي سگهه جي وڌندڙ ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ مؤثر ۽ وقت سر قدم يقيني بڻايا پيا وڃن: مصطفيٰ ڪمال

اسلام آباد-23 جولاءِ (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ملڪ ۾ تربيت يافته نرسنگ افرادي سگهه جي وڌندڙ ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ مؤثر ۽ وقت سر قدم يقيني بڻايا ويندا. اهڙو اظهار هن هڪ اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ جي نمائندن پاڪستان ۾ ويڪسين ڊولپمينٽ رٿائن، مقامي سطح تي ويڪسين جي تياريءَ ۾ جاري اڳڀرائي ۽ …

اسلام آباد-23 جولاءِ (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ملڪ ۾ تربيت يافته نرسنگ افرادي سگهه جي وڌندڙ ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ مؤثر ۽ وقت سر قدم يقيني بڻايا ويندا. اهڙو اظهار هن هڪ اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ جي نمائندن پاڪستان ۾ ويڪسين ڊولپمينٽ رٿائن، مقامي سطح تي ويڪسين جي تياريءَ ۾ جاري اڳڀرائي ۽ پاڪستان نرسنگ اينڊ مڊوائفري ڪائونسل جي ڊجيٽلائزيشن ۽ سڌارن وارن قدمن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. وفاقي وزير هدايت ڪئي ته پاڪستان ۾ مقامي ويڪسين پروڊڪشن جي رٿائن تي اڳڀرائيءَ کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي ته جيئن ملڪ ۾ ويڪسين جي مقامي تياريءَ ۾ پاڻڀرو ٿيڻ طرف تيزيءَ سان اڳتي وڌي سگهجي. هن چيو ته ان مقصد لاءِ سموريون ريگيوليٽري، قانوني ۽ فني گهرجون وقت سر مڪمل ڪيون وڃن. اجلاس ۾ نرسنگ جي شعبي ۾ سڌارن جو پڻ تفصليي جائزو ورتو ويو. وفاقي وزير چيو ته نرسنگ جي شعبي ۾ جامع سڌارا وقت جي اهم ضرورت آهن ۽ پاڪستان نرسنگ اينڊ مڊوائفري ڪائونسل جي نظام کي مڪمل طور تي ڊجيٽلائيز ڪيو وڃي. هن هدايت ڪئي ته نرسنگ ڪائونسل کي عالمي معيار موجب جديد رُخن تي آندو وڃي ته جيئن پيشيوراڻي معيار ۽ خدمتن ۾ بهتري آڻي سگهجي. اجلاس دوران ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ جي نمائندن پاڪستان حڪومت سان صحت جي شعبي ۾ سهڪار جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ خاطري ڪرائي ته بئنڪ صحت جي شعبي لاءِ هر ممڪن معاونت فراهم ڪندو رهندو. اجلاس ۾ فيڊرل سيڪريٽري صحت، چيف انفارميشن آفيسر، صحت وزارت، چيف انفارميشن آفيسر ڊريپ ۽ ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ جي نمائندن شرڪت ڪئي. وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال صحت جي شعبي ۾ ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ جي مسلسل سهڪار کي ساراهيندي ان ڀائيواريءَ کي پاڪستان جي صحت جي نظام جي مضبوطيءَ لاءِ اهم قرار ڏنو.

مزید خبریں